ڇا خوف جا پهريل ڪپڙا هنڌان هنڌان ڦاٽي پيا؟

سڪندر چنو

پاڪستان ۾ به تقريبن 60 سالن کان وٺي آمريڪا جي سرپرستي ۾ هڪ نه نظر ايندڙ قوت رهي آهي. جيڪا 1958 کان وٺي 1988 تائين ٽن مارشلائن جي صورت ۾ سرعام حڪومتون ڪنديون رهيون آهن. پر گذريل 34 سالن کان ان اسٽيبلمينٽ جي حالت پردي جي پويان رهندي اقتدار پنهنجي هٿن ۾ رکي کيڏڻ آهي. پاڪستان جي موجوده سياسي قوتون انهن انگريزن جي وفادارن جي خاندانن تي اڄ به ٻڌل آهي جيڪا 1920 جي اليڪشنن ۾ 95 قومي ۽ 637 صوبائي سيٽن تي ڪامياب ٿي آئي هئي. انگريز فوج ۽ انگريز سول بيروڪريسي جي لڳايل هي عوامي نمائندگيءَ جو وڻ صرف اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي نچڻ ڄاڻيندو آهي. انهن خاندانن اسٽيبلشمينٽ کي ڪڏهن به سر عام چئلينج نه ڪيو هيو. ان لاءِ ان جو خوف سندن مٿان موجود هيو.

اهو ئي سبب آهي جو 17 جولاءِ 2022 جي شام پنجاب جي ننڍي چونڊ جا نتيجا اهڙا ته اچڻ شروع ٿي ويا جو ڪنهن کي به يقين نه پئي آيو. ۽ سڀني تي بي يقيني وارو خوف تاري هيو. ڪوبه صحافي، دانشور ۽ تجزيه نگار يقين سان نه پيو چوي ته هن قوم اسٽيبلشمينٽ جي خوف جي پهريل لباس کي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي. ۽ اهيو سڀ ڪجهه صرف 78 ڏينهن ۾ ٿي ويو. هي سڀ ڪجهه اوچتو نه ٿيو آهي پر 75 سالن کان مايوس قوم جو هڪ اهڙو رد عمل آيو آهي جنهن نه صرف اسٽيبلشمينٽ بلڪه سرڪاري مشينري ۽ 30 سالن جي سياسي تجربي کي شڪست سان ڊاهي ڇڏيو آهي.

 ايران جي انقلاب جي تاريخ به اهڙي طرح ساڳي هئي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جو به ايران جيان پنهنجي طاقت تي اجايو انڌو اعتماد هيو. گذريل 20 سالن ۾ جنهن کي چاهيو ملڪ کان ٻاهر موڪليو ۽ جنهن کي چاهيو ٻاهر کان ملڪ ۾ گهرايو ۽ جڏهن چاهيو انهن کي ڪپڙن جيان ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو. ۽ جڏهن چاهيو انهن کي بدديانتي جو لباس پارائي ڇڏيو پر عوام روزانو ان ڪٽپتلي سياستدانن جي بي بسيءَ جو روئڻ ٻڌندو رهيو. ۽ چوندا هيا ته اسان کي اڻ ڄاتل نمبرن تان فون ڪال اچي ويو آهي. اسان جا ڪيس ختم ڪيا ويا آهن. اسان کي ڊيڄاري اسان جون وفاداريون تبديل ڪيون ويون آهن اسان پنهنجو پاڻ ڪجهه نٿا ڪري سگهون. وغيره وغيره. ۽ اهڙي طرح اهي ليڊرن جي نظرن ۾ ڪرندا ويا. قومي مفادن جي نالي تي ساواڪ جيان اسٽيبلشمينٽ گذريل 15 سالن کان پنهنجي ڏاڍائين جا نشان ڇڏيا هيا. ان سان محسوس ٿئي ٿو ته تبديلي 78 ڏينهن ۾ آئي آهي. پر لڳي ائين ٿو ته ايران جيان پاڪستان ۾ به هن کچڻيءَ کي پچڻ ۾ 22 سال لڳا آهن. ايران ۾ به جڏهن 1978 اپريل ۾ تاريخ جي شروعات ٿي هئي ته ڇا ايران کي پنهنجي فوج جي طاقت، سياستدانن جي ڪمزوري ۽ ساواڪ جي خفيه قوت تي وڏو ڀروسو هيو پاڪستان ۾ به اهڙي ئي اعتماد ۽ يقين 17 جولاءِ جي ڏينهن حڪومتي ڌر جي حڪمرانن جن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آصف علي زرداري، مريم نواز، حمزه شهباز ۽ مولانا فضل الرحمٰن جي دماغن ۾ ويٺل هيو. اندازو لڳايو ته حڪومتي مشينري، خفيه ايجنسين جي سپورٽ ۽ ميڊيا جو ڪنٽرول ٽئي حڪومت جي هٿ ۾ هيون ته پوءِ باقي پوئتي ڇا رهجي ويو. پاڪستان ۾ به اهيو ئي ٿيو جيڪو اچانڪ ايران ۾ ٿيو هيو اسٽيبلشمينٽ جي ان انڌي مضبوط اعتماد واري گنبذ ۾ وڏو ڏار پئجي ويو. اصل سبب اهيو آهي ته عوام کي عمران خان جي صورت ۾ هڪ اهڙو ليڊر مليو آهي جيڪو آمريڪا مخالف ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيون کڻي اڳتي وڌيو هيو. عمران خان جهڙو آواز باقي سياستدانن ۾ گهٽ ٻڌڻ ۾ آيو. ۽ وڏي ڳالهه ته نوجوانن جو عمران خان سان رومانس به قائم ۽ دائم رهيو آهي. ماڻهو هن جي پويان لڳي پيا پر ٻي اهم ڳالهه اها ته اقوام متحده جو فنڊ براءِ آبادي جي 2017 جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 63 فيصد آبادي 19 سالن کان 33 سالن تائين جي ماڻهن جي آهي ۽ 14 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن جو تعداد 34 سيڪڙو آهي. جڏهن ته پوڙهن ماڻهن، دقيانوس ۽ خوفزده نسلن جي ماڻهن جو تعداد صرف 5 سيڪڙو آهي. اها آهي نوجوانن جي اهيا طاقت جن گذريل 75 سالن کان وٺي پهريل خوف جي لباس کي چيڙي ڦاڙي ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي. اڃان تائين ته صرف هي هڪ جمهوري فيصلو آهي پر جيڪن اسٽيبلشمينٽ هن 63 فيصد جي فيصلن کي دٻائڻ يا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ته پوءِ هن ملڪ ۾ ڪجهه به تباهه ۽ برباد ٿي سگهي ٿو. اهڙن پراعتماد نوجوانن کي ته ڪنهن ليڊر جي ضرورت به نه هوندي آهي.

 هاڻي سوال اهيو ٿو اڀري ته وزيراعظم شهباز شريف لاءِ باقي ڪهڙو جواز باقي بچي ٿو ته هو وفاق ۾ حڪومت قائم رکي؟ ڇاڪاڻ ته موجوده ملڪي سياسي سيناريو ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي ان مان صاف ظاهر لڳي ٿو ته وزيراعظم شهباز شريف صرف اسلام آباد جو وزيراعظم رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ ن ليگ جي حڪومت نه رهي آهي. ان ڪري وزيراعظم شهباز شريف اخلاقي جواز وڃائي چڪو آهي ته هو ملڪ جو وزيراعظم رهي. ٻيو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن عمران خان سنڌ جو دورو ڪري ٿو ته ان سان پي پي تي ڪهڙا سياسي اثر پئجي سگهن ٿا؟ ٻيو عام ماڻهو جي ذهن ۾ اها ڳالهه به گردش ڪندي رهي ٿي ته آصف زرداري جنهن بابت چيو ويندو آهي ته هڪ زرداري سڀني تي ڀاري وارو لفظ کي هٿي ان ڪري به ملي آهي ته آصف زرداري ن ليگ جو پنجاب ۾ ٻيڙو ٻوڙي پنهنجو پراڻو حساب ڪتاب سڌو ڪري ڇڏيو آهي.

 بهرحال ڪجهه ڏينهن ۾ صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي جنهن جو تعلق پاڪستان تحريڪ انصاف سان آهي ڪنهن به وقت وزيراعظم شهباز شريف کي قومي اسيمبليءَ ۾ اعتماد جي ووٽ وٺڻ لاءِ چئي سگهي ٿو. موجوده پنجاب جي ننڍي چونڊ مان ثابت ٿيو آهي ته عوام کي پهريل خوف جا ڪپڙا هنڌان هنڌان ٽٽي ۽ ڦاٽي پيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.