ملڪ ۾ خوفناڪ ورهاست ۽ صف بنديون !

علي محمد ميمڻ

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ طرفان  چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير قرار ڏيڻ ۽  حمزا شهباز کي سندن وڏي وزير وارو عهدو ۽ اختيار ڇڏڻ واري ٻڌايل فيصلي بعد ملڪ جو سياسي ماحول ۽ وايو منڊل يقينن تبديل ٿي ويو آهي. عدالت جي فيصلي تحت رات يارنهين وڳي کان اڳ گورنر پنجاب کي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کان سندس عهدي جو قسم کڻائڻ ۽ گورنر جي انڪار تي صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي کي وڏي وزير کان قسم کڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون . آخرڪار سموريون ضابطي جون عدالتي ڪارروائيون مقرر ڪيون ويون ۽ گورنر طرفان معذرت ڪرڻ بعد چوڌري پرويز الاهي خاص هوائي جهاز ۾ لاهور کان اسلام آباد پهتو ۽ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان چوڌري پرويز الاهي کان سندس عهدي جو قسم کڻايو ويو.

اهڙي ريت، پنجاب صوبي ۾ جاري حڪومت سازي وارو بحران عدالت جي فيصلي کانپوءِ پنهنجي پڄاڻي کي ته پهچي ويو پر ٻئي پاسي وفاقي حڪومت ۽ ان جون اتحادي ڌريون جيڪي اڳ ئي سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري چڪيون هيون ۽ مختلف آئيني معاملن تي عدالتي فيصلن بابت قانونساز اداري پارليامان ۽ قانوندانن طرفان اٿاريل اعتراضن ۽ تڪرار جي آئين جي اصل روح موجب پيرائتي فيصلي لاءِ  سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ جي ڪيل گهر جي عدالتي بنچ طرفان رد ڪيو وڃڻ ۽ ٻڌايل فيصلي بعد ملڪ ۾ هڪ سياسي ۽ آئيني بحران نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي.

ملڪ جي حڪومتي اتحاد،پارليماني ۽ سياسي قوتن جي هڪ وڏي حصي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ دوران ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪيس جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد ملڪ ۾ تمام گهڻو ڪجهه تبديل ٿيڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ ۾پيدا ٿيل هاڻوڪي صورتحال ۾ملڪ جي سياسي قوتن، وفاقي سرڪار ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن ۽ اتحادي جماعتن ۽ سياسي ڌرين، ادارن ۽ اهم شخصيتن جي اتحاد ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي حامين ۾ واضح طور تي ورهاست ۽ هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن ۽ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ليڪو نڪري ويو آهي، جنهن موجب هڪ پاسي هڪ ڌر ۽ ان جا حامي ۽ طرفدار هليا ويا آهن ته ٻئي پاسي، ٻي ڌر جي حامين، طرفدارن ۽ مددگارن جي جٿابندي ٿي وئي آهي. هاڻي ملڪ ۾ آئين، قانون، قاعدي، اصول يا ضابطي ۽ ڪنهن به قسم جي اخلاقي ۽ اصولي معيارن جو ڳاڻيٽو يا شمار باقي نه رهيو آهي. ملڪ جي حوالي سان يقينن اها تمام گهڻي ڳڻتي واري ۽ هاڃيڪار صورتحال اڀري مٿي اچي وئي آهي.

هوڏانهن، ملڪ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ عالمي ميڊيا ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان ججز مقرري لاءِ  جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ لاءِ  چيف جسٽس کي لکيل خط وارو معاملو پڻ وڏي بحث جو موضوع بڻيل آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  طرفان خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، هو سپريم ڪورٽ طرفان اونهاري جي موڪلن ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل آهي، محترم جسٽس جو چوڻ آهي ته، سندس موڪل تي وڃڻ وقت سپريم ڪورٽ جي جڊيشل ڪميشن جو  ڪوبه اجلاس طي ٿيل نه هو، پر سندس پرڏيهه وڃڻ کانپوءِ ٻه اجلاس ڪيا ويا آهن ۽ منهنجي غير موجودگي ۾جوڊيشل ڪميشن جو ٽيون اجلاس 28 جولاءِ  تي سڏايو ويو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته چيف جسٽس جوڊيشل ڪميشن فورم کي کل جوڳو نه بڻائي، چيف جسٽس طرفان ججن جي مقرري واري معاملي تي تڪڙ سواليا نشان آهي، جوڊيشل ڪميشن ۾ چيف جسٽس جي پهريان کان سليڪٽڊ نالن تي غور واري روايت ختم ٿيڻ گهرجي، يقينن سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج ۽ ڪجهه وقت بعد سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيندڙ سپريم ڪورٽ جي هن سينيئر ترين جج جي اخبارن ۽ ميڊيا ادارن ۾ بحث ٿيندڙ خط يقينن غير معمولي معاملو آهي، جنهن سموري ملڪ کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ جي پنجاب حڪومت جي مستقبل ۽ وڏي وزير جي چونڊ بابت ٻڌايل فيصلي کانپوءِ ٻنهي پاسي جي سياسي ڌرين ۽ حڪومتن ۾خوفناڪ ورهاست ۽ صف بنديون ٿي رهيون آهن ۽  هڪٻئي خلاف ملاکڙي ۽ دنگل وارا نوان ميدان تيار ٿي رهيا آهن. وفاق ۾حڪمران اتحاد ۾ شامل جماعتن ۽ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي حڪمران جماعت، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سندن اتحادين جي سربراهن جا لڳاتار اجلاس ٿي رهيا آهن. جنهن ۾ملڪ ۾ پيدا ٿيل نئين سياسي صورتحال ۽ اقتدار ۽ اختيارن کي وڌ ۾ وڌ حاصل ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي هيٺ ڪرڻ واريون ڪارروايون ۽ رٿابنديون يقيني طور تي بحث هيٺ اچي رهيون آهن. ۽ پيدا ٿيل نئين صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ  پنهنجي رٿابندي ۽ حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ وارو سلسلو جاري آهي.   تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان طرفان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي ججن کي ساراهيو ويو آهي. ۽ ٽنهي سپريم ڪورٽ جي ججن کي قانون ۽ آئين خاطر ڄمي بيهڻ تي مڃتا ۽ پنهنجي وڪيلن ۽ ٽيم جا به ٿورا مڃيا ويا آهن.

هوڏانهن، ملڪ جي حڪمران اتحاد ۾ ڳڻتي واري صورتحال آهي۽ اتحاد جي اهم جماعت، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فرحت الله بابر طرفان ججن جي مقررين ۽ پروموشنز جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي قانونن ۽ ضابطن کي تبديل ڪرڻ واري رٿ پيش ڪئي وئي آهي. فرحت الله بابر جي موقف موجب ته، آئين جي آرٽيڪل 191 تحت سپريم ڪورٽ عدالتي ڪارروائي جو جيڪو طريقيڪار طئي ڪندي آهي انهيءَ جو جائزو ورتو وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان پنهنجي جماعت جي سينئر اڳواڻ جي رٿ واري ٽوئيٽ کي پنهنجي طرفان ري ٽوئيٽ ڪيو ويو آهي.، جنهن بعد ملڪ ۾ عدالتي سڌارن بابت هڪ پراڻي بحث وري بحال ٿي وئي آهي ۽ آئين ۾ 18هين ترميم ۾ عدالتي سڌارن بابت شامل ڪيل ترميم تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمود چوڌري جي سخت ردعمل بعد اها ترميم آئين ۾ شامل نه ڪئي وئي هئي. هن وقت قانونساز اداري پارليمان جي اڪثريتي ڌرين طرفان وري اهو معاملو اٿارڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي. حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ڪجهه ججن جي حوالي سان  تازي پيدا ٿيل تڪرار، سياسي قوتن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ٻن مختلف بلاڪن يا اتحادن ۾ ورهاست  واري صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي وارو معاملو بڻجي رهيو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ اهو معاملو جيڪو رخ اختيار ڪري سگهي ٿو  يقينن ٻنهي ڌرين ۾امڪاني ٽڪراءُ وڌڻ ۽ ملڪ جي  سياسي زمين جي تپڻ ۽ ڇڪتاڻ گهڻو وڌي وڃڻ وارو اندازو ضرور لڳائي سگهجي ٿو. اهڙي صورتحال کي هر حال ۾ ماٺو ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ ۽ عوام لاءِ  تڪليفون وڌائڻ کان هر حال ۾ پاسو ڪيو وڃي ۽ سمورا سياسي معاملا ڳالهين ۽ مفاهمت ذريعي حل ڪيا وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.