جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس بابت نظرثاني درخواست واپس، ذميوارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج قاضي فائز عيسيٰ خلاف نظرثاني درخواست (ڪيوريٽو ريويو) واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف جيڪو ڪيوريٽو ريويو( نظرثاني درخواست) داخل ڪيو ويو هو، ان جو ڪو مثال نٿو ملي، اهو ڪيوريٽو ريويو قاضي فائز عيسيٰ کي دٻاءَ ۾ رکڻ لاءِ داخل ڪيو ويو هو. هن چيو ته قاضي فائز عيسيٰ هڪ معزز جج آهي، شهزاد اڪبر جهڙن غنڊن ان سان زيادتي ڪئي، قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪوڙو ريفرنس ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ڪابينا جي سب ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا انهن ذميوارن خلاف ڪارروائي تي رپورٽ ڏيندي. سندس چوڻ هو ته ڪابينا ۽ لا سيڪريٽري ٻڌايو ته ريفرنس داخل ڪرڻ ۾ ڪابينا جي منظوري نه ورتي وئي هئي، اهو تماشو ان وقت جي قانون واري وزير ۽ شهزاد اڪبر ڪيو. رڪارڊ جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي ۾ قمر زمان ڪائرا، طارق بشير چيما ۽ راڻا تنوير سميت سمورين پارٽين جا نمائندا شامل آهن.اجلاس ۾ پنجاب حڪومت بابت عدالتي فيصلي بعد صورتحال تي غور، سپريم ڪورٽ جا اختيار گهٽائڻ جي معاملي تي اٿيل سوالن تي به بحث ڪيو ويو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.