شجاعت ريفرنس فائل ڪري ته پرويز الاهي نااهل ٿي سگهي ٿو: مانڊوي والا

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته چوڌري شجاعت حسين ريفرنس فائل ڪري ته چوڌري پرويز الاهي نااهل ٿي سگهي ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اهم نڪتن تي صلاح مشورا جاري آهن، پارٽي سربراهه طور چوڌري شجاعت اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري سگهي ٿو. سليم مانڊوي والا چيو ته پرويز الاهي ۽ پارلياماني ليڊر سميت سمورن ميمبرن پارٽي جي سربراهه کان بغاوت ڪئي آهي. حڪومتي اتحاد مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.