سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب تباهي، قومي اسيمبلي ۾ خاص رليف پئڪيج جي گهر

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ سانوڻي جي جاري برساتن سبب سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ نقصان جو جائزو ورتو ويو ۽ ميمبرن متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ ۽ وفاقي حڪومت کان خصوصي رليف پيڪيج ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ خالد حسين مگسي چيو ته تازين برساتن سبب سڄو بلوچستان لپيٽ ۾ آيو آهي، لسٻيله جو رابطو سنڌ سان ڪٽيل آهي، جهل مگسي 80 سيڪڙو ٻڏي ويو آهي، نصيرآباد، ڪڇي ۾ رستن جو نيٽ ورڪ ڪٽيل آهي، وزيراعظم سان ڳالهه ڪئي آهي، ماڻهو ۽ خاندان ڦاٿل آهن، اسلم ڀوتاڻي چيو ته تازين برساتن سبب بلوچستان ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. لسٻيله ۽ گوادر ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، پوري ڪوئيٽا ۽ مڪران کان حب ڏانهن وزيراعظم کي درخواست آهي ته لسٻيله ۾ فوري رليف پهچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، لسٻيله جي عوام لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي پيڪيج ڏي، اين ايڇ اي کان به تعاون جي درخواست آهي. بلوچستان نيشنل پارٽي جي ميمبر ڊاڪٽر شهناز بلوچ چيو ته سڄي بلوچستان ۾ بنيادي ڍانچو متاثر ٿيو آهي،  محمد هاشم چيو ته وزيراعظم رليف پيڪيج جو اعلان ڪري، وفاقي وزير سيد امين الحق چيو ته بلوچستان سان گڏوگڏ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ برساتن جو ڪيترن ئي سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد کي آفت سٽيل علائقو قرار ڏنو وڃي ۽ يوٽيلٽي بل معاف ڪيا وڃن جيڪڏهن مڪمل طور تي معاف نٿو ڪري سگهجي ته انهن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. جاني نقصان تي معاوضا ادا ڪيا وڃن، قومي اسيمبلي ميمبر غلام علي ٽالپور چيو ته برساتن سبب بلوچستان ۽ سنڌ ۾ تباهي ٿي آهي، معيشت کي سنڀالڻ لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير بيان ڏنا آهن پر انهن جو ڪو به اثر سامهون ناهي آيو، ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي ناهي سيد محمود شاهه چيو ته سانوڻي جي برساتن سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تمام وڏو نقصان ٿيو آهي، حب چوڪي جو گوادر سان لسٻيله جو پنجگور ۽ ڪوئيٽا سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، بجلي جو نظام خراب ٿي ويو آهي. نيٽ ورڪ جا ٽاور ڪري پيا آهن سيد جاويد علي شاهه چيو ته سڄي ملڪ ۾ برساتن سبب تباهي ۽ نقصان ٿيو آهي، خيرپور ۾ کجي جو اربين روپين جو فصل تباهه ٿي ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.