تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب لسٻيلي ۾ خوفناڪ صورتحال، ڪيترائي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) تازين برساتن سبب لسٻيلي ضلعي ۾ ڳوٺ ۽ ننڍا شهر پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن، ماڻهو مدد جا منتظر آهن پر روڊن جو نالو نشان مٽجي چڪو آهي، ٻوڏ واري پاڻي ۾ گهيريل ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ آهن، سڪن  ۽ اوڙڪي ۾ تباهي مچي وئي آهي، 300 کان وڌيڪ ماڻهو گذريل 72 ڪلاڪن کان ڦاٿل آهن جيڪي وڻن تي چڙهي ويٺل آهن، بک ۽ اڃ ۾ سندن برو حال آهي، جڏهن ته ريسڪيو سينٽر ٽيارو جي ٽيم اي سي محمد اقبال، ميجر محمد نبيل، تپيدار بيلا عبدالغفور موندا، نائب رسالدار امان الله رونجهو، سردار علي اڪبر آچره، سيٺ رسول بخش آچره، الله ڏنو آچره، غلام محمد باريجا، محمد علي آچره، ارشد علي موسياني ۽ پاڪ آرمي جا جوان به سندن مدد لاءِ پهتل آهن، ريسڪيو ٽيم جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪ آرمي، اوٿل ڪوسٽ گارڊ هيليڪاپٽر جو بندوبست ڪيو آهي پر موسم جي خرابي سبب هيليڪاپٽر اڃا تائين نه پهچي سگهيو آهي، هيليڪاپٽر نه پهچڻ جي صورت ۾ ڦاٿل ماڻهن جون جانيون خطري ۾ آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.