برساتي پاڻي ۾ ڦاٿل لکين ماڻهو بي يارو مددگار، خوراڪ جي شديد کوٽ، بيماريون پکڙيل

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندا) سنڌ ۾ برسات جو سلسلو جاري، وڌيڪ 9 جانيون ضايع، مواصلاتي نظام ڊانواڊول، انتظام غائب، برساتي پاڻي ۾ ڦاٿل لکين ماڻهو بي يارو مددگار، راشن جي شديد کوٽ، بيمارين جنم ورتو، سکر ڊويزن ۾ ٻن ڏينھن کان برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو، اڱاري جي شام کان شروع ٿيل برسات جو سلسلو سکر ڊويزن جي سمورن شھرن ۾ ھلندڙ آھي. مختلف شھرن مان آيل اطلاعن موجب گھوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ضلعن ۾ برسات وقفي وقفي سان پوندي رھي ٿي. ڪجھه شھرن جھڙوڪ روھڙي، خيرپور ۽ ڪوٽڏيجيءَ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران تيز برسات پوندي رھي. جڏھن ته برسات جي نه کٽندڙ سلسلي سبب اڪثر شھرن ۾ ھوا جو دٻاءُ گھٽ ھجڻ جي ڪري حبس ۽ گھم وڌي وئي آھي. سکر جي مختلف علاءقن اندر جيل روڊ ـ ايوب گيٽ ـ گھنٽا گھر ـ اسٽيڊيم روڊ ـ مينارا روڊ جيلاني روڊ ريس ڪورس روڊ سڪو تلاء  ريلوي انجڻ شيڊ ڪالوني نيو پنڊ ـ گڏاڻي ڦاٽڪ  ماءڪرو ڪالوني ڀوسا لاءين قريشي ڳوٺ نماءش گراءونڊ پراڻو سکر مھراڻ مرڪز سميت ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل آھي بيٺل پاڻي تلاءن جو ڏيک ڏءي رھيا آھن اعلا اختياريون وزيري اعلا سنڌ ايڊ منسٽريٽر  ميونسپل ڪارپوريشن سکر نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ،  جيڪب آباد ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، وقفي وقفي سان ٿيل برسات سان گهٽين، پاڙن ۽ بازارن ۾ پاڻي ڀرجي ويو آهي. پاڻي جمع ٿيڻ سبب نانگ  ٻيا جيوت زمين ۽ ٻلن مان نڪري آيا آهن، 8 ورهين ثاقب کي نانگ ڏنگي ورتو جنهن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڀٽائي ٽائون ۾ بجلي جي پول سان ڪرنٽ لڳڻ سبب معصوم ٻار عادل جکراڻي فوت ٿي ويو. گمبٽ ۾ وقفي وقفي سان سڄو ڏينهن برسات جاري رهي, برسات جو پاڻي شهر ۾ تلائن وانگر بيهجي ويو. برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي صورت ۾ گمبٽ جي ڪسان ڪالوني مان ڪيترائ ماڻهو گهر خالي ڪري ڳوٺن طرف هليا ويا.  گهوٽڪي ۾ گذريل ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات جو پاڻي شهر جي اهم روڊن تي جمع ٿي ويو آهي. گهوٽڪي جي محلي  شانتي نگر جو رهواسي 30 سالن جو نوجوان  حماد الله پٽ حافظ محمد بخش پٺاڻ  بجلي جو  ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ،   غوثپور ۾ مسلسل برسات پوڻ بعد ٽائون عملي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لا۽ ڪي به جوڳا۽  اپا۽ نه وٺي سگهي اهڙي  صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ بدين ۾  برسات  پاڻي نيڪال نه ٿيڻ کي پنج ڏينھن   گذري وڃڻ باوجود ضلعي انتظاميا مختلف پاڙن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ڪيو رھواسين جو مين قاضيه واھ پل تي ٽائرن کي باھيون ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جاتي جي ساحلي پٽي ۾ رات دير سان مسلسل برسات پوڻ ۽ روڊ پڪو نه هجڻ سبب ڳوٺ سلامي ٿهيم جو جاتي شهر سان زميني رابطو معطل ٿيڻ ڪري يارنهن مهينن جي بيمار نياڻي اسما ڌيئَ غلام قادر ٿهيم اسپتال نه پهچي سگهي رستي ۾ فوت ٿي وئي جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، گذريل 10 ڏينهن کان هلندڙ چوماسي مينهن ڪوهستان پٽي جي علائقن جهمپير ,مالماڙي ,جنگشاهي ,ڪارو جبل , علقو ڳوٺ ,ڊوري ڳوٺ ,آچار سالار جوکيو ,روڌيڻ بلوچ,جعفر ڳوٺ,صديق ڳوٺ ,مامون سالار ڳوٺ ,سميت سوين ڳوٺن جابلو علائقن جون نيهون  وهڻ سبب روڊ رستا مڪمل طور تي ڪٽجي روڊ ڪٽجي  ويا علائقي واسين جو شهري علائقن ڏانهن نه اچڻ ڪري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا ٻئي پاسي ساحلي پٽي علائقن ڪيٽي بندر ,کارو ڇاڻ,ٻگهاڻ,ڳاڙهو ٻوهارا ,ڪوسٽل هائي وي ڳوٺ عارب جت ڳاڙھي ڀٽ,علي محمد جت,آفي جت,پانڌي جت,عثمان جت ,حاجي قاسم جت ,حبيب خاصخيلي,گل حسن سمون,بابو ملاح,,فقير محمد رجيرو,حاڪم علي رند,مراد علي رند,رتو خان رند,موسي خاصخيلي ,اسماعيل رند,غلام محمد ملاح ,مهيار خاصخيلي ,ڄامن ملاح ,عيدن خاصخيلي سميت سوين ڳوٺ مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويا رڌ پچا لاء گيس جي سهولت نه هئڻ ڪري  چل ٻارڻ لاء ڪاٺيون پاڻي ۾ پسي ڪري  ختم ٿي ويون معصوم ٻارن سميت عورتون مرد کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل آهن. ڪراچي جي ضلعي ايسٽ انتظاميا جي نااھليء سبب گلشن اقبال, گلزار ھجري, اسڪيم 33 , فاريا چوڪ, يونيورسٽي روڊ , سچل ڳوٺ , ميمڻ نگر ۾ ٻيا ڪيترائي علائقا جنھن ۾ برسات ۽ نالن جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيھجي ويو آھي جنھن سبب شھرين کي سخت مشڪلات کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي جڏھن تـ دڪاندارن جو ڪاروبار پڻ ٺپ ٿي ويو آھي جڏھن تـ روڊن تي پاڻي بيھڻ سبب گاڏين جو گذرڻ پڻ ڏکيو ٿي ويو آھي ڪيتريون ئي گاڏيون خراب ٿي ڪري روڊن تي بيھجي وڃن ٿيون. ڄامشورو ۾ جامشورو يوٿ الائينس ۽ شهر جي سياسي سماجي ڌرين پاران جامشوري ۾ برساتي پاڻي جي نيڪالي ۽ گندگي خلاف، ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو . جوهي ۾ پنجن  ڏينھن کان مسلسل برساتن نئين گاج وھي اچڻ ڪري ڪاڇي جي يوسي ڊرگھ بالا جي پنجاھ کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ يوسي پٽ گل محمد جي ڪيترن ڳوٺن جيئن ڊرگھ بالا ھيئرو خان حاجي خان شھرن جا باقي سوين ننڍن وڏن ڳوٺن جو دادو جوھي کان زميني رابطو ڪٽيل هئڻ ڪري کاڌ خوراڪ جي سخت پئدا ٿي وئي آھي ٻئي طرف ٻه ڏينھن اڳ ڳوٺ گزياڻي لنڊ ۾ ٽن مھينن جي معصوم ٻارڙي عاصمه ڌي خادم لنڊ بخار سبب نئن اج جي پاڻي مان پنڌ جوھي علاج واسطي پئي آيا جيڪا فوت ٿي وئي ٻئي طرف ڳوٺ ڄام ٻٻر   ۾ نينگري جميلان ڌي جمال الدين ٻٻر بيماري سبب ترت علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿي وئي.ڪڪڙ ۾  گذريل 4 ڏينھن کان پوندڙ برسات تباھي مچائڻ کان پوء رستن گھٽين گھرن ۾ بيٺل برساتي پاڻي ڪڪڙ توڙي ضلعي دادو انتظاميا نيڪال ن ڪرائي سگھي آھي پاڻي نيڪال ن ٿيڻ دوران ڪچا گھر ڊھڻ جو سلسلو جاري آھي ۽ ڪيترائي گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن جنهن سبب  شهرين جي اهنجن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي جنھن ڪري متاثر ماڻھون بي يارو مدد گار بڻيل آھن اڃا تائين سندن ڏانھن ڪير ب لڙي ن پھتو آھي روڊن رستن تي برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿيو آهي بجلي جو نظام دربرھم آھي، ڪنڊيارو ۾ برسات جاري،شھر جا نالا پاڻي ۽ ڪچري سان ڀريل،برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل،ٽائون انتظاميا اکيون ۽ ڪن بند ڪري ڇڏيا، اسپتال روڊ، ٽائون ڪميٽي ۽ ٻين هنڌن تي ٻه فوٽ پاڻي بيٺل،شھر جي واحد لائبرري ۾ به برسات جو پاڻي بيٺل آهي، خيرپور جي نظاماڻي پاڙي ۾ گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، زخمين ۾ ۾ ڪريم بخش، امير، نعيم، ارشاد، دلشاد، منظور، سعيد، ليمون، پيارو خان، علي بخش خاصخيلي زخمي ٿي پيا.  ملير ۾ ٽن ڏينهن بعد سکڻ ندي مان لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ گلشن حديد فيز2 واسي 28 ورهين جي شهزاد پٽ غلام قادر سومرو طور ٿي،  مانجهند ۾ لڳاتار تيز برساتن سبب ڪولهي محلا جا ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ اچي ويا جڏھن ت پاڻي سبب  ڪچا ۽ ڪکاوان گهر ڊھي پٽ ٿي ويا جنهن سبب عورتن ٻارڙن سميت رهواسي کليل آسمان هيٺ وقت گذارڻ لڳا  مانجهند جي ميمڻ محلا ۾ پنکي هلائڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 28 ورهين جو نوجوان غلام حسين عرف دودو ميمڻ موقعي تي فوت ٿي ويو ، کهڙا ۾ برسات رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. گجگوڙ سان لڳاتار ٻه ڪلاڪ تيز برساتي وسڪاري شھر کي ٻوڙي ڇڏيو. ڪيترائي محله. ڪالونيون پاڻي هيٺ. مسڪين ماڻھن جو ساه مٺ ۾. غريبن جي ڪچن گهرن کي نقصان.  کجين جا باغ. ووئڻ ۽ ٻيا فصل تباه. باغائن جا پڙھ ٻڏي ويا. تيار ڪيل خارڪون. ڇونهارا. ڏوڪا لڙھي ويا. ڪنب ۾ بينظيرڪالوني واسين حاڪم مينگهواڙ وزير ڪمار سهڻو گوپانگ  ۽ ٻين ڪالوني واسين پاران  ٽائون ڪاميٽي آفيس آڏو احتجاجي مظاهروڪيو ويو، ڪنري ڀرسان بودر فارم ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ يوسف ڀٽي ۾ پنج سالن جو معصوم ٻارڙو ڀڳوان داس ولد رامون اوڏ گهر جي ٻاهران پاڻي جي کاڻ (کڏ) ۾ راند ڪندي ڪرڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو. لعلورائنڪ ويجهو  ڳوٺ قمبر ڪوٽ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ويهن  گھرن تي مشتمل سڄو ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جنهن جي ڪري ڳوٺاڻا سخت  پريشانين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. لاڙڪاڻي شهر ۾ مسلسل مون سون جي برسات جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو شهر جي شهر جا ڪيترن ئي رهائشي توڙي ڪمرشل علائقن سميت هيٺائين علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو. جڏهن ته شهر جي اڪثر پاڙن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊ شيڊنگ رهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن پاڪستاني چوڪ، ريشم گلي، شاهي بازار، اناج منڊي جناح باغ چوڪ، رائل چوڪ، ايس ايس پي چوڪ، سول هاسپيٽل چوس سميت اڪثر علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.  اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ علي محمد ڇٽو جو رهواسي 20 سالا نويد ولد عيدن ڪهيري پاڻي جي دٻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو  پنوعاقل۾ تيز برسات پوڻ ڪري شھرجي روڊن رستن تي درياھي پاڻي جي ليٽ اچڻ جا ڏيک ڏئي رهيو آهي،  پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شھر جو ڊرينيج سسٽم درست نظام نہ  ھجڻ ڪري برساتي پاڻي گھرن۽ دڪانن اندر  داخل ٿي ويو آھي  ڪاروبار تمام متاثر ٿي ويو. پريالوء جي ڪچي واري علائقي ۾ ننڍي ٻوڏ جو پاڻي داخل ڪچي جي ڪيترن ئي ڳوٺ جو زمني رستو ڪٽجو ويو فصل ۽ باغ پاڻي ڪيٺ خيرپور ضلع جي بچابندن جي حالت خراب ، بندن  جي سارسنڀال نه ٿيڻ سبب بند انتهائي ڪمزور  مختلف وقتن تي پيل برساتن سبب ڪيترن ئي هندن تي روڻيون پئجي ويون ،  ڪنگري تعلقي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات تباهي مچائي ڇڏي ڪيترن ئي گهرن جون پتيون ء ڇتيون ڪرڻ سبب 10ماڻهو زخمي ڪروڙين رپين جي کجين جا باغ تباه. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيٺل انتظاميه واهر نه ڪئي. خبر موجب ڪالهه اربع واري ڏينهن تيز هوا سان گڏ تيز برسات 2ڪلاڪ لڳاتار وسڻ ڪري پيرجوڳوٺ.ڪوٽ مير محمد. ڳوٺ الرا. ڳوٺ ڀٽا واهڻ سميت ٻين ڳوٺن ۾ 10کان وڌيڪ گهرن جو ڇتيون. ديوارون ڪرڻ سبب 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته لڳاتار تيز برسات سبب کجين جا باغ تباهه ٿي ويا . راڻيپور جي وارڊ ست ۾ برساتي پاڻي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري ويو، وارڊ جا رھواسي انتظاميه خلاف سراپا احتجاج، ٽائون انتظاميه، ايم پي اي ۽ ايم اين اي پاران اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آھي پوري شهر ۾ فرشبندي اسان جو وارڊ بنافرشبندي جي آھي، وارڊ جي رھواسين جو عوامي آواز اڳيان دانهون ڪيون آهن.  هوڏانهن بلوچستان جي برساتي ٻوڏ وارو پاڻي سنڌ جي قبوسعيد خان واري تعلقي جي سوين ڪاڇي واري ڳوٺن ۾ پھچي ويو آهي جنهن ڪري ھزارين رھواسين جانيون بچائي جبلن ۽ مٿاھين وارن علائقن ۾ وڃي پناه ورتي آهي, بلوچستان جو برساتي پاڻي ,جھل مگسي,سيف آباد,باريجا,ڪوٽ مگسي,مري جا قبا ۽ ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ تباھي مچائڻ کان پوء سنڌ جي ڪاڇي واري ڳوٺن فقير محمد کوسو,غلام الرسول چانڊيو,دودا چانڊيو,علي مراد چانڊيو,راھب ٻرڙو,امين ٻرڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پھچي ويو آهي اھڙي صورتحال بعد رھواسين ٻوڏ واري پاڻي کان بچڻ لاء پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ ھندن تي وڃي پناه ورتي آهي. شھدادپور شھر جي ملدسي روڊ تان برسات ۽ گٽرن جو گندو پاڻي ملدسي روڊ تان 12 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود انتظاميا پاران نيڪال نه ڪرڻ خلاف شھدادپور شاھپور چاڪر روڊ بند ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي نٽھڻ اس ۾ 3 ڪلاڪ کان مٿي ڌرڻو ھنيو ويو. . جهنڊومري ۾ چوماسي جي وسڪاري ضلع ۽ تعلقي انتظاميا جي غفلت ۽ لاپرواهي  متاثرڳوٺاڻن کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.