ڪاڇي ۾ ٻوڏ باوجود حڪومت سانحي جي انتظار ۾، بند تي دٻاءُ، ٻه ٻارڙيون فوت

جوهي/واهي پانڌي( رپورٽ: ايم اسماعيل پيرزادو+حسين بخش رستماڻي) ڪاڇي ۾ ٻوڏ ۽ برسات تباهين جا نشان ڇڏڻ لڳيون، ٻه ٻارڙيون فوت ٿي ويون، رهواسين کي پونسٽان جي گوري به نه ملي. پنجن ڏينھن کان ڪاڇي ۽ کيرٿر ۽ جبلن جي پهاڙي علائقن مان پوندڙ برساتن ۽ بلوچستان مان ايندڙ پاڻي جي ڇوڙ سنڌ  ڏانهن ڪرڻ تي نئين جون تباه ڪاريون هلندڙ پاڻي ۾ لاٿ ٿيڻ باوجود به ڪاڇي جي 8 يونين ڪائونسلن جو جوهي دادو هيڊ ڪوارٽر سان زميني رابطو بحال نٿي سگهيو . يوسي ڊرگهه بالا جا ڪيترائي ڳوٺ شڪلاڻي لنڊ جعفر خان لنڊ پوٺو لنڊ محمد حسن گرماڻي ننگر داريو جمع ٻٻر ڪيٽي سجاول مستوئي ۽ٻيا ڳوٺ پاڻي جي گھيري هيٺ آھن ڪاڇي جي  ڳوٺ پوٺو لنڊ  سميت سوين گھرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جي نتيجي ۾  ڊھي پٽ پئجي ويا آھن  ٻه ڏينھن اڳ ڳوٺ گزياڻي لنڊ ۾ ٽن مھينن جي معصوم ٻارڙي عاصمه ڌيءُ خادم لنڊ بخار سبب   پاڻي مان پنڌ جوھي علاج واسطي پئي آيا جيڪا فوت ٿي وئي ٻئي طرف ڳوٺ ڄام ٻٻر۾ نينگري جميلان ڌي جمال الدين ٻٻر بيماري سبب ترت علاج نٿيڻ ڪري فوت ٿي وئي . هوڏانهن واهي پانڌي ڪاڇي ۾ نئن گاج ۽ نلي سميت ٻن نئن ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا مال لڙهي ويا روڊ رستا بند علائقي ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي واهي پانڌي،گورک هل اسٽيشن سميت ڪاڇي جي فتح بروهي، شفيع محمد لنڊ، عباس لنڊ، موسا جمالي، بھاول ٻٻر ،ساوڙو گولو فقير جام ٻٻر، شير محمد ٽالپر پٽ سليمان، بکر شهيد سميت چار سئو ڳوٺن جو چوٿين ڏينهن به زميني رابطو بحال نه ٿي سگهيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.