حب ڊيم مان ٻوڏ وهڪرن بند مراد پل تباهه ڪري ڇڏي

حب(ن ع آ) حب ڊيم اسپيل وي مان خارج ٿيندڙ پاڻي جو تيز وهڪرو همدرد يونيورسٽي ويجهو بند مراد پل جو هڪ حصو لوڙهي ويو، جنهن سبب سوين مسافر پريشاني جو شڪار آهن، ڪيتريون ئي گاڏيون پل وٽ ڦاٿل آهن، ايس ايڇ او ساڪران انسپيڪٽر نبي بخش رونجهو چيو ته ساڪران بند مراد پل تي سفر ڪندڙن کي گذارش آهي ته پل ٽٽڻ جي ڪري ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور بند ڪئي وئي آحي، بلوچستان ۽ ڪراچي ايندڙ ويندڙ مسافر بند مراد پل ڏانهن اچڻ جي زحمت نه ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.