ڪورنگي ڪراسنگ ۽ حب ڪئنال جي بحالي واري رٿا جي منظوري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪورنگي ڪراسنگ ۽ حب ڪئنال جيبحالي واري منصوبي جي منظوري ڏني ۽ مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻنهي منصوبن کي هڪ سال اندر مڪمل ڪيو وڃي. هن اهي هدايتون اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ شهر اندر شروع ٿيندڙ مختلف رٿائن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. ان موقعي تي مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سيڪريٽري ناڻو ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ناڻو اسد زعيم شرڪت ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ وڏي وزير چيو ته ڪورنگي ڪاز وي تي پل جي ضرورت آهي، موجوده ڪاز وي تي برسات جي موسم ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي جنهن ڪري ڪورنگي ۽ ملير جي عوام کي سخت ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بلديات کاتي جو چوڻ آهي ته ان منصوبي تي لڳ ڀڳ 5 ارب رپيا لاڳت ايندي جيڪو ٻن سالن اندر مڪمل ٿيندو.سيڪريٽري بلديات نجم شاهه ٻڌايو ته پل جي ڄمار 80 سال هوندي ۽ اها پل 1.6 ڪلوميٽر هوندي.  وڏي وزير منصوبي جي منظوري ڏني.  وڏي وزير پي اينڊ ڊي کاتي کي هدايت ڪئي ته ڄام صادق پل جي اوور هالنگ لاءِ اسڪيم تيار ڪئي وڃي. اهو پڻ ايندڙ ٽن مهينن ۾ شروع ڪيو وڃي. BRT  بس سروس لاءِ ورلڊ بينڪ جي تجويز تحت متبادل پل پڻ تعمير ڪيو ويندو.  مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته حب ڪينال منصوبي ۾ حب ڪينال (ڪينال پلس پائپ هائبرڊ) جي تعمير ۽ حب ڊيم مان پاڻي جي ترسيل ۽ حب فلٽريشن پلانٽ جي بحالي شامل آهي جنهن سان ان جي گنجائش کي 80 کان 100 ايم جي ڊي تائين وڌايو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.