سنڌ پاران لسٻيلي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن سبب ٿيل نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري پڌرائي مطابق سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جو عوام بلوچستان جي عوام سان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گڏ آهي. پڌرائي مطابق سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي پي ڊي ايم اي سنڌ 500 ٽينٽ جي ٽرڪ لسٻيلي موڪلي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.