جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ان جا سياسي ڪارڻ آهن: چوڌري شجاعت

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو ته جيڪو ڪجه ٿئي پيو ان جا سياسي ڪارڻ آهن، پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ايڏو وڏو بحران آيو جو معيشيت بري طرح سان متاثر ٿي آهي. هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿئي پيو سڀ سمجهه ۾ اچي پيو، ان جا سياسي ڪارڻ آهن، ان سان غريب ماڻهو جو ڪو مطلب ناهي،   هن چيو ته عام ماڻهو مهانگائي سبب پريشان آهي، ان ڪري سموريون پارٽيون گڏ ويهي حل ڪڍن.هن چيو ته سياسي پارٽيون اختلاف ڀلي نه وسارين پر ان کي في الحال هڪ پاسي رکن. ڇاڪاڻ ته موجوده حالتن ۾ ورڪنگ رليشن پش هجڻ گهرجي ته جيئن ملڪي معاملا بنا ڪنهن رڪاوٽ جي اڳتي وڌي سگهن.

جاويد لطيف پنهنجي ئي حڪومت مٿان ڏمرجي پيو

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ جاويد لطيف پنهنجي ئي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڪابينا ۾ چوندو رهيو آهيان ته جيڪڏهن فرح گوگي، بشريٰ بي بي ۽ بني گالا ۾ هٿ وجهي نه ٿا سگهو ته پوءِ ڪهڙي حڪومت ڪري رهيا آهيو؟ اهو به چيو ته بيگناهه نواز شريف جون سزائون ختم نه ٿا ڪري سگهو ته پوءِ ڇو حڪومت ۾ آهيو؟  جاويد لطيف چيو ته آئون پهرين ڏينهن کان حڪومت وٺڻ جي حق ۾ نه هئس،عمران کي لاڏلي ۽ ٻين کي ڀارتي سمجهيو پيو وڃي. هن چيو ته جسٽس شوڪت صديقي ٻڌائي چڪو آهي ته ڪهڙي طرح بئنچ جڙندي آهي.

جويريا جي عمر بابت به ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم

 

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سليم جيسر جي عدالت، ايم ايس سنڌ سروسز کي جويريا جي عمر معلوم ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. بورڊ 15 ڏينهن اندر جويريا جي عمرميڊيڪل بورڊ طئي ڪري عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري، پنه شيلٽر هوم جا لا آفيسر پوليس سان گڏ اغوا ٿيل 14 ورهين جي جويريا کي ميڊيڪل بورڊآڏو پيش ڪیو.عدالت  ڪيس جي ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت جي حڪم باوجود اغوا ڄاڻايل جويريا پنهنجي والدين سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.پوليس 6 مهينن کانپوءِ پنجاب جي راجن پور مان جويريا کي بازياب ڪرائي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو.

دانيا شاهه خلاف سائبر ڪرائم ايڪٽ تحت ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ايف آءِ اي کي عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري دانيا شاهه خلاف سائبر ڪرائم يڪٽ تحت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري دانيه شاهه خلاف سائبر ڪرائم ايڪٽ تحت غير سرڪاري تنظيم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پاران رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.عامر جميل  ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ايڪٽ جي سيڪشن 20 ون ڊي جي زمري ۾ اچي ٿي. ڪنهن جي ننگي وڊيو وائرل ڪرڻ جي سزا پنج سال قيد ۽ ڏنڊ آهي.جنهن به شهري اها وڊيو ڏٺي آهي ان کي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حق آهي. ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته عامر لياقت حسين جي وارثن ايف آءِ اي سان رابطو ڪيو آهي. درخواست ۽ دستياب مواد جي روشني ۾ اعليٰ اختيارين سان صلاح مشوري لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته سماجي تنظيم دانيه شاهه خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت ايف آءِ اي کي دانيه شاهه خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي. 03

بلوچستان حڪومت پاران زيارت آپريشن بابت عدالتي ڪميشن جو اعلان

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.