سنڌوءَ ۾ چاڙهه، سکر بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر، ڪچو ٻڏي ويو

سکر(  رپورٽ آزاد مهر ) ملڪ اندر مون سون جون برساتون جاري سنڌ ۾ پاڻي چاڙھ سبب ٻوڏ جي صورتحال سکر بئراج وٽ ھيٺين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر گڊو بئراج  جي ڪچا وارا علا.ئقا پاڻي جي چاڙھ ۾ ٻڏي ويا خبر موجب : مون سون جي برساتن ملڪ اندر تباھي مچائي ڇڏي سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو چاڙھ تيزي سان وڌڻ لڳو 24 ڪلاڪن اندر ڪيترائي ھزار ڪيوسڪ وڌي ويو جنھن بعد سکر بئراج  جي علائقن  اندر ھيٺين درجي جي ٻوڏ آبپاشي پاران ڊڪليئر ڪئي وئي آهي بئراج اندر ھيٺين سطح جي ٻوڏ ڪچي جا ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا گڊو بئراج  وٽ مٿاھون وھڪرو 2 لک 83 ھزار 88 ڪيوسڪ ھيٺانهون وھڪرو 2 لک 72 ھزار 937 ڪيوسڪ سکر بئراج  وٽ مٿاھون وھڪرو 2 لک 58 ھزار 625 ڪيوسڪ جڏھن نه هيٺانهون وھڪرو 2 لک 38 ھزار 475 ڪيوسڪ ڪوٽڙي بئراج  وٽ مٿاھون وھڪرو 90 ھزار 5 ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 78 ھزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آبپاشي کاتي مطابق 24 ڪلاڪن اندر پاڻي جي چاڙھ ۾ اضافو ننڍي ٻوڏ جو سکر بئراج  جي ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو امڪان وڌي ويو آھي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.