غازي ڳوٺ اِي بلاڪ ڊاهڻ جي ڪوشش، مزاحمت، پوليس جي فائرنگ ۽شيلنگ،ڌرڻو

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) سچل ٿاڻو پوليس جي وڏن اٽالن ۽ بلڊر مافيا جي نجي هٿياربندن سان عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ کي مسمار ڪرڻ لاءِ ٻيهر چڙهائي، رهواسين عورتون مرد ٻاهر روڊن تي نڪري آيا، پوليس جي پرامن احتجاج ڪندڙ عورتن ۽ مردن تي شيلنگ ۽ فائرنگ، متاثرن پاران پوليس گردي خلاف روڊن تي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج، ڌرڻو، شديد نعريبازي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو، خبر موجب ڪراچي جي قديم آبادي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ کي بلڊر مافيا پاران مسمار ڪرڻ جي ڪوشش، سچل ٿاڻو ايس ايڇ او اورنگزيب خٽڪ ۽ بلڊر مافيا جي نجي هٿياربند ۽ پوليس ساڻ ڪري E بلاڪ جي هڪ سئو گهرن کي مسمار ڪرڻ لاءِ ٻيهر چڙهائي ڪئي ته رهواسي عورتون ۽ مرد ٻاهر نڪري گهر ڊاهيندڙ شاول روڪي سخت احتجاج ڪيو جنهن تي پوليس مٿن سڌي شيلنگ ۽ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مرد ۽ ٻارڙو زخمي ٿي پيا پوليس جي چڙهائين ۽ پوليس پوليس گردي سوين عورتن، مردن سان گڏجي اظهر گارڊن مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو ۽ پوليس توڻي بلڊر مافيا جي نجي هٿياربندن خلاف شديد نعريبازي ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن مسمات صدوري، صائمہ، زاهده قرآن پاڪ کڻي انصاف لاءِ دانهيندي چيو ته بلڊر خالد يوسفي، مرتضي کوسو پوليس کي وڏي رشوت ڏئي گهر مسمار ڪرائي رهيو ايس ايڇ او اورنگزيب خٽڪ هر روز پوليس ۽ نجي هٿياربند وٺي اچي سڌي فائرنگ ڪري ٿو اڄ اسان جي مٿان گوليون هلايون ويو آهن پوليس اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي ۽ احتجاج ڪرڻ تي ڳوٺاڻن جي مٿان ڏهه ڪوڙيون ايف آئي آرون داخل ڪيون آهن جيڪو سراسر ظلم آهي هنن وڌيڪ چيو ڌارين جي غيرقانوني آبادين کي تحفظ ۽ اسان سنڌ ڌڻين جي ڳوٺن کي غيرقانوني ڄاڻائي مسمار ڪيو پيو وڃي جيڪو سراسر ظلم آهي اسين مري وينداسين پر اجھا ڊاهڻ نه ڏينداسين پ پ اڳواڻن بشير خاصخيلي ،ر اشد خاصخيلي، ڪامريڊ شبير راڄپر چيو ته هي اسان جون قديم آباديون آهن پر بلڊر مافيا انهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سازشون ڪري رهيا آهن برسات جي موسم ۾ جتي ماڻهو انجوائي پيا ڪن پر اسان جون نياڻيون گولين ۾ روڊن تي ويهي احتجاج ڪري رهيون آهن وزيراعلي سنڌ مراد علي شاهه ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ۽ ڳوٺن کي مڪمل حق تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪري. ٻي پاسي ايس ايڇ او سچل ٿاڻو اورنگزيب خٽڪ ميڊيا کي ٻڌايو پوليس کي ڪورٽ ۽ مٿان کان حڪم مليل آهي ته اِي بلاڪ ۾ تعمير ڪيل گهرن کي مسمار ڪيو جنهن جا اسين پابند آهيون ڳوٺاڻن جي مزاحمت ۽ پوليس مٿان پٿراءُ ڪرڻ بعد شيلنگ ڪئي وئي.

پيپلا ڪراچي ۾ ڌارين جي آبادي کي سهولتون پيا ڏين: دودو ديشي

گلشن اقبال(ن ع آ) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودوديشي هڪ  بيان ۾ چيو آھي ته  ڪراچي سنڌ جو گاديءَجو هنڌ آهي، غازي ڳوٺ E.بلاڪ ٽائون سميت سنڌين جون وسنديون ڊاهڻ جي مذمت ڪندي هن چيوته اورنگي ٽائون ، ڪٽي پھاڙي،  سهراب ڳوٺ،  نيو ڪراچي،  بحريا ٽاؤن،  ڊي ايڇ اي ، ڪمانڊر سٽي، گلشن معمار ، تيسر ٽاؤن ۾ غيرقانوني قبضا سنڌ دشمن ڌاريا ڪن ٿا،جڏهن ته پيپلا انهن سان ڦڏو ڪرڻ جي جرئت ئي نه ٿا ڪري سگهن،هي بزدل حڪمران  سدائين گهر جا ڪڪڙ ماريندڙ آهن جيڪي سنڌين جي وسندي غازي ڳوٺ کي ته ڊاهي پٽ ڪري سگهن ٿا، ڌارين جي غيرقانوني آبادڪاريء سان الجھڻ جي جرئت به ٿا ڪري سگهن الٽو انهن ڌارين جا سھولتڪاري پيا ڪن۔ افسوس حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي ۾ سنڌين کي سهولتون ڏئي تحفظ ڏئي, ڌارين کي ڪراچي مان نيڪالي ڏني وڃي

احتجاج ڪرڻ ڏوهه،محبوب عباسي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل

گلشن اقبال(ن ع آ)عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ جي رهواسين پاران ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ ڪرڻ خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ تي سچل ٿاڻو پوليس ڳوٺاڻن ديدار جسڪاڻي، محبوب عباسي، دانش ڀٽي ،مرتضي ،الطاف،امداد شاهه،عاجز چانڊيو،الطاف ميمڻ،زاهد محمود ۽ ٻين تي مختلف قلمن تحت ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي

ايس يو پي پاران غازي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف جدوجهد جو اعلان

ڄامشورو/ڪوٽڙي( نمائندا ) ڄامشورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي باڊي جو اجلاس مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي صدارت هيٺ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ٿي گذريو, جڏهن ته اجلاس ۾ ملڪ جي موجودہ سياسي صورتحال، بلدياتي اليڪشن 2022ع جي ٻئي مرحلي ۽ ايندڙ جنرل اليڪشن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو, اجلاس بعد سيد زين شاھ, روشن علي ٻرڙو، اعجاز سامٽيو، جڳديش آھوجا، اميرآزاد پنھور، آغا قمر مشواڻي، امير علي ٿيٻو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، جبار اسلامي، خواجہ نويد ، مختيار احمد ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سن ۾ سيد بدر زمان شاهه  جي زمين تي سرڪاري سرپرستي ۾ قبضو ڪرڻ ۽ حملو ڪري 7 ڄڻن زخمي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ جوابدار جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا, هنن چيو پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ڄامشورو مان گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا ۽ گُھر ڪريون ٿا ته حليم عادل شيخ کي ھڪدم آزاد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ جنرل اليڪشن 2023ع ۾  ملڪي سطح تي اتحاد جوڙي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو ورتو ويندو, هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ساراهه ڪجي ٿي, سپريم ڪورٽ ملڪ جو اعليٰ ادارو آھي انھيءَ تي تنقيد ڪندڙ ملڪ جي آئين،  قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رھيا آھن ۽ ملڪ ۾ انتشار واري صورتحال پيدا ڪري رھيا آھن, ايس يو پي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي آبادين کي ڊاھڻ جي ذميوار پيپلزپارٽي جي بلڊر مافيا آھي جيڪا سنڌي آبادين کي لڏرائي زمينون ڌارين کي ڏيڻ چاھي ٿي, غازي ڳوٺ ۾ عورتن تي تشدد ۽ گھر ڊاھڻ جي مذمت ڪندي آگسٽ جي پھرئين ھفتي ۾ ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويندو. هنن چيو ته سنڌ ۾ بدامني جو سبب ڌاري آبادڪاري  جي يلغار آھي فوري طور سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائي ڌاري آبادڪاري خاص طور افغان پناھگيرن کي پنھنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي.هنن چيو آهي ته ڌاري آبادڪاري خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان ڀرپور جدوجھد ڪئي ويندي

غازي ڳوٺ ۾ 11هين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ، پ پ ڌارين جو ساٿ ڏئي رهي آهي: قومپرست

گلشن اقبال(ن ع آ) بلڊر مافيا ۽ سچل ٿاڻو پوليس پاران عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اِي بلاڪ کي جبري مسمار ڪرڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻيل آهن رهواسين پاران قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي 11هين ڏهاڙي به احتجاج ڪيو ويو جنهن مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جيئي سنڌ محاذ چيئرمين خالق جوڻيجو چيو ته پ پ سدائين ووٽ وٺي اقتدار لاءِ سوديبازي ڪئي سنڌ سرڪار جا چڱا مڙس ڌارين جي سهولت ڪار بڻيل آهي ووٽ وٺندڙن جو احتساب ڪيو وڃي پ پ سنڌ کي جاگيرنه سمجهي هي 5 ڪروڙ ماڻهن جو وطن آهي 30 سالن جو عبدالله شاهه غازي قديم ڳوٺ آهي ڳوٺ کي بچائڻ سنڌ کي بچائڻ برابر آهي پ پ سنڌين جو ساٿ ڏيڻ بدران ڌارين جو ساٿ ڏئي ٿي، ايس يو پي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو چيو سنڌ سرڪار هڪ نام نهاد سسٽم تحت ڪراچي جا سڀئي علائقا قبضا ۽ لينڊ مافيا جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن جيڪي غريب ماڻهن جا گهر ڊاهي پلاٽ وڪرو ڪري ڪمايل پئسا مٿي پهچائن ٿا ۽ ان سسٽم تحت قبضا صرف سنڌي آبادين تي ڪيا پيا وڃن موجوده دور مشرف دور کان ٻيو ڳوٺ دشمن دور شروع ٿي ويو آهي ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ مبارڪ ڀٽي چيو ته ڪراچي ۾ ڌاريا آباد ڪري ٻيو اسرائيل ٺاهيو پيو  وڃي ڌرتي ڌڻين کان زمين کسي غيرملڪين جا علائقا آباد ڪيا پيا وڃن وڏي شرم جي ڳالهه آهي ته هن ڏکئي صورتحال ۾ چونڊيل نمائندا گم آهن آغا شاهه زمان چيو ته اسان جي ڌرتي تي ڌارين جو قبضو آهي روينيو ڳوٺن جا کاتا تبديل ڪري ڳوٺ جون زمينون بلڊر مافيا حوالي ڪيون پيون وڃن اسين ڳوٺن جي هر صورت ۾ تحفظ ڪنداسين جماعت اسلامي اڳواڻن حماد ڀٽو، اصغر گبول چيو ته نياڻين تي شيلنگ ۽ فائرنگ پوليس گردي آهي سڄي سنڌ سميت ڪراچي جي اسڪيم 33 به قبضا ۽ لينڊ مافيا جي حوالي ڪيو ويو آهي اسين اڳ به قبضن خلاف احتجاج ڪيو هو ۽ هاڻ به ڪنداسين قبضن جو پيرو سڌو بلاول هائوس ڏانهن وڃي ٿو ۽ نام نهاد سسٽم جي ڪارندن کي چيو ويو آهي ته قبضا ڪيو، ڪمايو ۽ کارايو غلام مصطفيٰ چانڊيو ۽ ايڊوڪيٽ امداد چاچڙ چيو گڏيل جدوجهد ذريعي آباديون ۽ گهر بچائي سگهون ٿا وقت اچي ويو آهي ته ڳوٺ ۽ عوام دشمن قوتن کي عوامي طاقت سان جواب ڏجي ٻي صورت ۾ ڪراچي مان بي دخل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.