ڊالر جي اوچي اڏام، 237 رپين تي کان وڌي ويو

ڪراچي (م ڊ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي اوچي اڏام جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪالهه انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو اگهه تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي بند ٿيو آهي. انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 237 رپين تائين پهتو، ڪاروباري ڏينهن ۾ ڊالر جو اگهه 3 رپيا 9 پئسا وڌيو آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 4 رپيا وڌي 241 رپيا آهي. اسٽيٽ بينڪ جي وقتي گورنر ڊاڪٽر مرتضيٰ سيد به هڪ بيان ۾ چيو هو ته عالمي معيشت ۾ ڪيترائي بحران هڪ ئي وقت اڀرندي نظر اچي رهيا آهن، سياسي بي يقيني سبب فيصلي سازي ۾ نقصان ڏيندڙ دير ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.