ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ سيشن ججن جي رويي کان تنگ ٿي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز علي شاهه استعيفيٰ ڏني آهي. سندس چوڻ آهي ته سيشن جج قانون کان هٽي ڪري پنهنجي پاليسي لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا. مئجسٽريٽ ۽ سول ججن کي هراسان ڪيو وڃي ٿو. استعيفيٰ جي متن ۾ چيو ويو ته سيشن ججن جي رويي سبب اڪثر جوڊيشل آفيسر بلڊ پريشر ۽ شگر جا مريض بڻجي ويا آهن.03