سنڌ اسيمبلي ۾ سماجي تحفظ اٿارٽي بل منظور، حليم عادل جي گرفتاري تي گوڙ، پي ٽي آءِ جو واڪ آئوٽ

ڪراچي(رپورٽ محمد علي نقرچ): سنڌ اسيمبلي مان سنڌ سماجي تحفظ اختياري بل منظور ڪري ورتو.  بل تحت صوبي ۾ نئين اٿارٽي ٺاهي   غربت بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ سان گڏ عوام کي صحت ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مخالف ڌر اڳواڻ جي گرفتاري خلاف ايوان ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سنڌ سماجي تحفظ اختياري بل 2022 ايوان ۾ پيش ڪيو، جيڪو يڪراءِ منظور ڪيو ويو، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا بل تي ڳالهائيندي چيو ته هي اٿارٽي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ ڪم ڪري پئي، ان کي هاڻي ٻين ضلعن ۾ کڻي وڃون پيا، ان اٿارٽي ذريعي اسان وٽ عوام جي ڊيٽا ايندي، جيڪا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ڳنڍي ويندي، هن چيو ته ان اٿارٽي سان غريبن کي مدد ملندي، اهو حڪومت جو سٺو قدم آهي، پ پ چيئرمين جون هدايتون آهن، اٿارٽي لاءِ هڪ وزير به مقرر ڪيو ويندو، اٿارٽي جلد قائم ڪئي ويندي، ان سان غريبن بابت تفصيل جلد جمع ٿيندا. بل بابت صحت واري وزير عذرا پيچوهو ڳالهائيندي چيو ته ورلڊ بئنڪ ذريعي ٿر ۾ حمل وارين عورتن کي امداد ڏيون پيا، ان اٿارٽي سان عوام کي فائدو ٿيندو. ان بعد بل ايون مان يڪراءِ منظور ڪيو ويو، ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاري جي معاملي تي ڳالهائڻ شروع ڪيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.