حليم عادل شيخ ڄامشورو مان گرفتار، ملير منتقل

ڪوٽڙي(رپورٽ: جبار ڪابورو) حليم عادل شيخ کي ڄامشورو مان گرفتار ڪيو ويو ، ڪالهه سنڌ اسمبلي جو مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ اينٽي ڪرپشن آفيس ڄامشوري ۾ بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پهتو ته کيس 5 ڪلاڪن تائين اينٽي ڪرپشن ڄامشورو ۾ ويهاريو ويو، ان دوران ملير اينٽي ڪرپشن ٽيم پهچڻ بعد کيس گرفتار ڪيو، اينٽي ڪرپشن عملدارن ٻڌايو ته ملير اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي، ٻي پاسي مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته لاهور مان 34 سال اڳ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو ويو ۽ ڪيس رات جي اونداھ ۾ سي ايم پنهنجي شهر مان داخل ڪرايو ڪالهه وري پنجيتالھه سال پراڻو معاملو کڻي گرفتار ڪيو ويو آهي،  هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي حقن جي ڳالھه ڪرڻ جي ڏوھ ۾ اهڙيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، هڪ طرف برسات سبب ماڻهون ٻڏن پيا، ٻئي طرف زرداري مافيا مراد شاھ مافيا ۽ سرڪاري مشينري استعمال ڪندي ڪراچي جون سنڌي وسنديون پئي ڊاهي عورتن مٿان گوليون هلايون ويو کين ٻڏي مرڻ کپي، سنڌ اسمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ جيڪو خطاب ڪيو ان تي سنڌ حڪومت ۽ سيد مراد علي شاھ ڏمرجي پيو، پهرين ڄامشوري ۾ منهنجي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، اڄ وري ڄامشوري جي اينٽي ڪرپشن آفيس مان ملير ۾ جڙتو ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي ، هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ اچڻ کان اڳ ڪو به ڪيس داخل نه هو پر هي حڪومت منهنجي مٿان مسلسل ڪيس داخل ڪرائي پئي،

عمران خان جو سچو ڪارڪن آهيان ڀلي مون تي ڪيس داخل ڪن پوئتي نه هٽندس، هوڏانهن اينٽي ڪرپشن ملير پاران حليم عادل شيخ سميت 6 جوابدارن مٿان قلم 409,420,467,468,471, مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، حليم عادل شيخ جي گرفتاري جي اطلاع تي پي ٽي آءِ جا سوين ڪارڪن اينٽي ڪرپشن آفيس انڊس هاءِ وي تي پهچي ويا، روڊ بند ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان دوران پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، ڄامشورو پوليس پهچي روڊ کولرايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.