منڇر ڀرسان ايم اين وي ڊرين کي 20 فوٽ گهارو، 100 ڳوٺ ٻڏي ويا

ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آدم مينگل(ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ وڌيڪ ساڍن ٽن فوٽن جو اضافو ٿيو آهي، جنهن بعد منڇر ڍنڍ جي پاڻي جي سطح 17 فوٽ ٿي وئي آهي، ايم اين وي ڊرين توڙي نئين گاج جي پاڻي جو وهڪرو تيزي سان منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف منڇر ڍنڍ جي زيرو پوائنٽ ڀرسان ايم اين وي ڊرين کي هڪ دفعو ٻيهر 20 فوٽن تائين  گهارو لڳو، اطلاع باوجود بہ ضلعي دادو جي انتظاميہ غائب رهي، گهاري سبب 100  کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، جن ڳوٺن جا متاثر بي يارومددگار بڻيل آهن، ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن صيفل شاهاڻي، عثمان شاهاڻي، عنايت رودناڻي، ۽ ٻين ضلعي انتظاميہ دادو خلاف ايم اين وي ڊرين جي بند تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرين جو چوڻ هيو تہ ڊي سي دادو، واپڊا اسڪارپ ۽ آبپاشي عملو ننڊ ستل آهي، هتي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن پر ڪوبہ واهر نہ پيو ڪري، گهاري جو اطلاع ڏيڻ باوجود بہ ضلعي انتظاميہ واهر ناهي ڪئي، ڳوٺاڻا بي يارومددگار آهن، هنن چيو تہ گهاري سبب ڳوٺ ابراهيم شاهاڻي،سوري خان، ساکرو، شيرخان، جان محمد رودناڻي، سلطان شاهاڻي،منيرخان جمالي، علي نواز بروهي،  چپرخان جمالي، ڊنگڙي، سميت ٻين ڳوٺن کي چوطرف پاڻي جو گهيرو آهي، ايم اين وي ڊرين جو پاڻي 35سو ڪيوسڪ هجڻ گهرجي پر ان ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي جنهن جي ڪري گهارو لڳو، پر افسوس تہ انتظاميہ جي ڪنن تي جوء بہ ناهي چري. هنن چيو تہ آبپاشي عملدار گم آهن، صرف ڪوڙا بل ٺاهڻ ۾ مصروف آهن باقي گهارو ٻڌڻ ناهن آيا، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌو آهي، هنن آخر ۾ وڏي وزير سيدمرادعلي شاه کي اپيل ڪندي گهر ڪئي تہ ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهاري جو نوٽيس وٺي اسان غريبن جي مدد ڪئي وڃي ۽ غفلت ڪندڙ آبپاشي توڙي واپڊا اسڪارپ عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي،

  • راڻي پور ۾ برساتي پاڻي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري ويو، احتجاج

راڻي پور(ن ع آ)سموري سنڌ جيان راڻيپور ۾ به برسات تباھي مچائي ڇڏي آھي شهر جا مختلف محلا، گهٽيون، دڪانن، قبرستانن، چونڪ چوراھ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن ٽائون انتظاميه ٺٺ سان گهر اگهور ننڊ پئي آھي. راڻي پور جي پراڻي بس اسٽينڊ وارڊ ست ۾ برسات جو پاڻي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري وڃڻ ڪري وارڊ جا رھواسي ان بيٺل پاڻي ۾ ٽائون انتظاميه، پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي خلاف اڀ ڏاريندڙ نعري ڪئي وئي ان موقعي تي مظاھرين، فياض حسين راڄپر،، صدا شاھاڻي، امانت علي شاھاڻي، عباس علي رند، گدا شيخ، اسرار عمراڻي ۽ ٻين ”عوامي آواز“ اڳيان دانهيندي چيو ته شهر اندر تقريبن گلين ۽ روڊن جي فرشبندي ڪئي وئي آھي پر اسان جو محلو ھٿ وٺي ٽائون انتظاميه ۽ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ، ايم اين اي طرفان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪيو آھي، ھن وارڊ مان پيپلزپارٽي کٽندي آھي ۽ ووٽ ڏيندڙ جي اڪثريت جي پيپلزپارٽي جي آھي پر ان جي باوجود به اسان سان ناحق ۽ ظلم آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته برسات جو پاڻي گهرن ۾ ڪاھي پيو آھي اسان ٻارڙا رڌ پچاءُ نه ٿا ڪري سگهن اسان چُلھا مٿي ڇت تي کڻي باھ ٻاري رھيا آھيون، اسان جي وارڊ کي ھٿ وٺي نظرانداز ڪيو ويو آھي، اسان جي وس وارن ادارن، نيب، ۽ لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪريون ٿا ته پيپلزپارٽي جي ايم پي ، ايم اين اي، ۽ ٽي ايم او سميت ٽائون انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪيل ڪرپشن جا پئسا واپس وٺي اسان جي وارڊ تي خرچ ڪيا وڃن ۽ ڪرپشن ڪندڙ ٽولي خلاف سخت قدم کڻي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ٽائون آفيس ۽ ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي گهرن جي دروازن اڳيان ڪارا توا ٽنگي مرڻ گهڙي تائين بک ھڙتال تي ويهي رھنداسين.

  • گهوٽڪي  ۾ برسات بعد عملدارن مختلف علائقن جا دورا ڪيا

گهوٽڪي  (ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ گذريل ڏينهن کان جاري برساتن ۽ ان بعد پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي رانا محسن، چيف ميونسپل آفيسر  غلام مجتبيٰ ملاح، پ پ ضلعي گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري سڪندر علي لاکو، ضلعي نائب صدر ديوان سکديو آسرداس ميونسپل عملي سان گڏ شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو. شهر جي مک شاهراهن ۽ گهٽين مان برساتي پاڻي جي نيڪال جي ڪم جو معائنو ڪرڻ سان گڏ نالن جي وهڪري ۽ انهن جي صفائي جو به جائزو ورتو. جڏهن ته برسات دوران ميونسپل ڪميٽي جو عملو برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ مصروف رهيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي رانا محسن ۽ چيف ميونسپل آفيسر غلام مجتبيٰ ملاح چيو ته ڏکئي حالتن ۾ به عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.  هن چيو ته صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدالله جي هدايتن تي ميونسپل عملي کي برسات جي موسم ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ شهر ۾ جتي به برساتي پاڻي جي نيڪال جا مسئلا آهن انهن کي فوري طور حل ڪيو پيو وڃي.

  • لعلورائنڪ جو ڳوٺ قمبر ڪوٽ برساتي پاڻي هيٺ، احتجاج

لعلو رائنڪ (ن ع آ) لعلورائنڪ لڳ ڳوٺ قمبر ڪوٽ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جنهن سبب 20  گھرن تي ٻڌل ڳوٺ پاڻي  هيٺ اچي ويو آهي ۽ ڳوٺاڻا سخت  پريشانين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڳوٺاڻن جمعي خان مغيري، نديم مغيري، امتياز، نادر ۽ وقار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ ۾ برساتي پاڻي بيهي ويو آھي، جنھن ڪري اسين سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ اسان جو مالي نقصان پڻ ٿي رهيو آهي پر ان باوجود ڪنهن به چونڊيل نمائندي ۽ اعليٰ آفيسر اسان جي سارسنڀال لهڻ جي زحمت نه ڪئي. برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري اسان جا گھر ڪرڻ شروع ٿي ويا آھن  ۽ اسان جو مال مري رهيو آهي ۽ گندو پاڻي بيهڻ جي ڪري ڪيترن ئي بيمارين ڪر کنيو آهي ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي.هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي اسان کي جاني ۽ مالي نقصان کان بچايو وڃي.

  • ڪنڌڪوٽ ۾برساتي پاڻي بيٺل، سي ايم او کي ڇنڊ

ڪنڌڪوٽ ( ڊ ر ) ڪنڌڪوٽ  شھر ۾ گندگي ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي سول فيملي جج محمد عظيم سولنگي جو نوٽيس ميونسيپل ڪاميٽي جي سي ايم او ۽ پبلڪ ھيلٿ انجنيئر کي گھرائي سختي سان ڇنڊ پٽي، شھر اندر نالين جو پاڻي ـ برساتي پاڻي ۽ گندگي جو خاتمو يقيني ڪري شھر جي روڊ رستن ۽ گھٽين ۾ صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي،  پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ اوھان جي مٿان ڪارروائي ڪئي ويندي.

  • سجاول ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو

سجاول (ڊ ر) سجاول جي وارڊ نمبر 9 ۾ 4 ڏينهن کان بيٺل برساتي پاڻي نيڪسال نه  ٿيڻ سبب علائقي واسي وڏين ڏکيائين کي منهن ڏرڻ تي مجبور ٿي ويا. علائقي واسين جي بار بار شڪايتن باوجود انتظاميا پاڻي نيڪال نه ڪيو، جنهن تي شهرين تنگ ٿي ماما عبدالغفور ميمڻ، عبدالخالق ڪڇي ۽ سيف الله ڀان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پتڻ ناڪي وٽ قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏي.ان موقعي تي شهرين انتظاميا خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته سجاول جي مک وارڊ نمبر 9 جي رهواسين سان سراسر ظلم ۽ ناانصافي ڪئي پئي وڃي. ٽائون ڪميٽي انتظاميا کي بار بار چوڻ باوجود پاڻي نيڪال ڪرائڻ لا جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا آهن. هنن بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي نااهل انتظاميا خلاف سخت ڪارروائي ڪري علائقي مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.

  •  ڪنب ۾ برسات جو پاڻي نيڪال  نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪنب(ن ع آ) برسات جوپاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڪنب جي بينظيرڪالوني واسين حاڪم مينگهواڙ وزير ڪمار سهڻو گوپانگ  ۽ ٻين ڪالوني واسين پاران   ٽائون ڪاميٽي آفيس آڏو احتجاجي مظاهروڪيو ويو،ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته ٽائون انتظاميه جي نااهلي سبب برسات جو پاڻي نيڪال  نه ٿي سگهيو آھي .اسانجي ڪالوني سميت شھر جا رستن ۽ گهرن ۾ پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو آھي هنن چيو ته برسات جي پاڻي سبب بينظير ڪالوني ۾ پاڻي گهرن  ۾ بيهجي ويو آھي. گنديون ناليون ڀرجي وڃڻ ڪري گندو پاڻي گهرن جي آڏو گهٽين ۾ بيهجي ويوآھي جنهن سبب ڪالوني ۾ بدبو ڦھليل رهي ٿي ٽائون انتظاميه کي ڪافي ڀيرا چيو آھي پر ڪو تدارڪ نه ٿو ٿئي،چونڊيل نمائندا به غائب آھن هنن  مطالبو ڪيو ته بينظير ڪالوني مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي۔ٻي طرف ڳوٺ حاجي مشتاق علي شنباڻي واسين پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٽائون انتظاميه خلاف تنوير حسين شنباڻي عرض محمد شنباڻي احمد خان ،۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ جي رستي تي پاڻي بيهجي ويو آھي مسجد ۽ عيد گاه آڏو پاڻي بيٺل آھي جنهن سبب تڪليف ٿئي ٿي اسان ٽائون انتظاميه کي پاڻي نيڪال لاء چيو پر ڪو ٻڌڻ لاء تيار ناهي هنن صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ پ پ اڳواڻ بئريسٽر هالار خان وساڻ کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ڏانهن ايندڙ رستي ۽ گهرن آڏو بيٺل پاڻي جو نوٽيس وٺي پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي،ٻي طرف تيز برساتن سبب ڪنب شھر جي ڪيترن ئي هنڌن تي گهر جون ڇ ۽ ديوارون ڊهي پٽ پئجي ويون آھن ڪنب ۾ عاشق حسين تمراڻي جي گهر جي ڇت ،عليداد تمراڻي جي گهر جي چارديواري، علي محمد سيال جي گهر جي ديوار ،ڳوٺ مشتاق شنباڻي ۾ رهبر شنباڻي جي گهر جو ڪمرو،احمد علي شنباڻي جي چارديواري، عرض محمد شنباڻي جي ڪوٺي پڻ ڊهي پئي آھي برسات متاثرن پاران سنڌ حڪومت کان مدد جو مطالبو ڪيو آھي۔هوڏانهن ڳوٺ احدي خان راڄپر ۾ زيشان علي ۽ عزيزالله شيخ جا گهر پڻ ڪري پيا.

  • مٺياڻي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات، باگڙي برادري جا گهر ڊهي پيا، احتجاج

مٺياڻي   ( ن ع آ )  مٺياڻي ۽ ڀرپاسي برسات جا راڱا، باگڙي ڪالوني جا گهر پٽ ، باگڙي برادري کلئي آسمان ھيٺ ويٺل، برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ  احتجاجي مظاهرو ۔ احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي عبدالغني ۔ پريم ۽ ڪبير باگڙي ڪري رھيا ھئا ۔ ان موقعي تي اڳواڻن دانھيندي چيو ته گذريل ڪجھه  ڏينهن کان برسات پوڻ ڪري اسان جا گهر پٽ ٿي ويا آھن ۽ اسان کلئي آسمان ھيٺ ويٺل آھيون ۽ برساتي پاڻي اسان جي گهرن ۾ تلائن جي صورت ۾ موجود آھي، بار بار دانھڻ باوجود ٽائون انتظاميا ڪا ب دلچسپي ن پئي وٺي، اسان وٽ ڪو به چونڊيل نمائيندو لڙي نه آيو آھي ۽ ڪا به مدد نه ڪئي آھي جنھن ڪري اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون، ھنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته باگڙي ڪالوني مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي.

  •  قاضي احمد  ۽ ڀرپاسي برسات جا راڱا ، ڳوٺاڻن جا مال متاع، اجها پٽ

قاضي احمد  (ن ع آ) لاڳيتو برسات وسڻ بعد جتي سڄي سنڌ عذاب جي ور چڙهيل آهي اتي يوسي گهرام مري يوسي مير جوڻو مختلف علائقن يونين ڪائونسل بھاول شاھ جو قديمي ڳوٺ گولو ڏاھري به بچي نه سگھيو آھي رحمتن کي زحمت بڻائيندڙ اقتدار ڌرين پاران ڳوٺاڻن کي بي يارو مددگارو ڪري چڏڻ،کان پوءِ ڳوٺاڻا پريشان ٻئي پاسي برساتي پاڻي جو ڳوٺ کي مڪمل گھيرو ڪيترن ئي مسڪين ماڻهن جا اجھا پٽ مال جا منھ پڻ چٽ گھٽين ۽گھرن، ۾ سخت چڪڙسبب نه رڳو انسان پر جانور به پريشان حال ٻئي مڇرن جي آزار به ڳوٺاڻن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون لائيٽ وارن به وساڻ نه گھٽايو جڏهن ته متاثرين ڳوٺاڻن گھر ڇڏي مال متاع کي محفوظ جڳھين منتقل ڪرڻ ۾ مصروف ڳوٺن جي روڊ ۽رستا چوپائي مال سان سٿيل ڳوٺاڻا راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل ٻئي پاسي مڇرن جي آزار سبب معصوم ٻارڙن سميت وڏا به مليريا جھڙي موذي مرض ۾وٺجي ويا قدرتي ھن مصيب دوران ڪو به چونڊيل نمائندو ڳوٺاڻن نه وٽ نه پھتو ٻئي پاسي متاثر ٿيندڙ ڳوٺاڻن پاران چونڊيل نمائندن ايم اين اي غلام مصطفي شاھ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو کان گھر ڪئي آهي ته جلد کان جلد ڳوٺ گولو ڏاھري سميت علائقي واسين جي مدد ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن ڳوٺاڻا پنھنجن گھرن وڃن.

  •  خيرپور ۾ برسات جا راڱا، گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 11 ڄڻا زخمي

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)پوري ملڪ جيان خيرپور ۾ به مونسون جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي برسات سبب خيرپور  جي نظاماڻي پاڙي ۾ گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور شهر جي نظاماڻي پاڙي ۾ هلندڙ چوماسي جي برسات پوڻ سبب گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا جن ۾ ڪريم بخش، امير، نعيم، ارشاد، دلشاد، منظور، سعيد، ليمون، پيارو خان، علي بخش خاصخيلي زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته انتظاميا کي اطلاع باوجود ڪوبه انتظاميا جو عملدار واقعي واري هنڌ نه پهتو جنهن بعد مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ريسڪيو وارو عمل مڪمل ڪيو ۽ گھر جي ڪريل ڇت جو ملبو هٽائي زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو جتي زخمين جو علاج جاري آهي.

  • ميروخان ۾برسات بعد شهر تلاءَ ۾ تبديل، پاڻي نيڪال نه ٿيو 

ميروخان (ن ع آ) ميروخان ۾برسات بعد شهر تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، انتظاميا توڙي رين مانيٽرنگ ۽ رليف ڪاميٽي جي  هدايتن باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو.هوڏانهن رين مانيٽرنگ ۽ رليف ڪاميٽي قمبر ضلعي جي فوڪل پرسن پ پ ايم پي اي گھنور اسراڻ ميروخان پھچي شھر جي برسات متاثر علائقن ڀٽا لطيف آباد ڪالوني، مدرسا محلي، ابڙا محلي ۽ بروھي محلي سميت مختلف هنڌن تي بيٺل برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ واري ھلندڙ ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي گھنور اسراڻ چيو ته قمبر ضلعي ۾ جتي به برساتي پاڻي جمع ٿي ويو آھي.  aان جي نيڪال لاءِ ڪوششون جاري آھن، سنڌ حڪومت ھن مشڪل گھڙي ۾ عوام سان گڏ آھي ۽ کين ڪنھن ۾ صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ متاثرن جي ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي گھنور اسراڻ  چيو ته ميروخان شھر جي لطيف آباد ڪالوني ۽ زاھد شادي هال واري رستي سميت شھر جي جن به محلن اندر برساتي پاڻي بيٺل آھي انھي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا کي ھدايتون جاري ڪيون آھن.

  • مانجهند۾ ڪولهين جا گهرپٽ، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل 

مانجهند  (ن ع آ) مانجهند ۾ لڳاتار تيز برساتن سبب ڪولهي محلا جا ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ اچي ويا جڏھن ت پاڻي سبب  ڪچا ۽ ڪکاوان گهر ڊھي پٽ ٿي ويا جنهن سبب عورتن ٻارڙن سميت رهواسي کليل آسمان هيٺ وقت گذارڻ لڳا رهواسي رامون ڪولهي چندر ڪولهي موهن ڪولهي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت انتظاميا جي نااهلي سبب پاڻي جي نيڪالي جو ڪوبه بندوبست نه ڪرڻ سبب برساتن جو پاڻي سندن گهرن ۾ ڪاهي پيو آھي جنهن سبب گهر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن جنهن سبب سندن لکين روپين جو سامان ٽٽي پيو آھي پر دانهڻ باوجود اي سي مانجهند مختيارڪار مانجهند سميت ڪوبه عملدار نه پهچي سگهيو آھي . جنهن سبب برساتي موسم ۾ کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور آھيون سندن سرڪاري سطح تي واهر ڪئي وڃي.

  • سانوڻي جي برسات اڪري کي ٻوڙي ڇڏيو، ماڻهو گهرن تائين محدود

اڪري چودڳي   ( ن ع آ) سانوڻي جي 23 ڏينهن کان مسلسل پوندڙ برساتن يوسي اڪري جي اڪثر علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو يوسي جي اڪثر ڳوٺن جي گهرن روڊن رستن فصلن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي مختلف ڳوٺن جي گهرن ۾ پاڻي بيٺل هئڻ سبب گهر ڀاتي گهر خالي ڪري مٿاهين جڳهن تي مٽن مائٽن وٽ رهڻ تي مجبور بڻيل آهن انتظاميه چپ جو روزو رکي اگهور ننڊ ستل هجڻ سبب علائقي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن سانوڻي جي مسلسل وسندڙ برساتن بعد يوسي اڪري جي مختلف ڳوٺن نهال بالادي علي گلاب شر فقير غلام حسين شر خان محمد شر محمد اقبال شر حيدري محلو حاجي پيروز شر عمرالدين شر سميت مختلف ڳوٺن جي گهرن ۾ برساتي پاڻي موجود هجڻ سبب رهواسي سخت تڪليفن ۾ مبتلا آهن برسات سبب ڳوٺ خان محمد شر ۾ ماجد شر محمد شريف محمد حسن اوشاق علي گوهر گلزار شر ڳوٺ غلام حسين شر ۾ عبدالله جاويد وحيد ميران بخش سومر فقير ڳوٺ حاجي پيروز شر ۾ دلشير خان شمشير خان فهيم شر رستم شر شر محلي ۾ مولوي يونس رضواني مريد شيخ صدام لياقت اوشاق ڳوٺ محمد اقبال شر ۾ اکين نابين ڀائر وسيم شهزادو ڪشمير اوڏ جا گهر ڳوٺ عزير خان شر ۾ مولوي شوڪت نثار علي گلشير شر ڳوٺ درگاهي مڱسي ۾ رجب مڱسي ڳوٺ استاد سکيل خاصخيلي ۾ مهرعلي علي گوهر اعجاز خاصخيلي ۽ ڳوٺ آندل خاصخيلي مڪمل ڳوٺ برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ آهي گهرن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گهر ڪرڻ ڪري جاني مالي نقصان جو انديشو پڻ موجود آهي برساتي پاڻي گهرن ۾ موجود هجڻ سبب علائقي مڪينن کي رڌ پچاء سميت گهمڻ ڦرڻ شهر اسپتال مارڪيٽ ۾ وڃڻ لاء برساتي پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو ڳوٺن ۽گهرن جي اندر ۽ٻاهران برساتي پاڻي موجود هجڻ سبب مڇرن جي آزار سان گڏ برساتي پاڻي ۾ زهريلا نانگ بلائون ۽جيت پڻ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا آهن مڇرن جي آزار سبب علائقي ۾ گيسٽرو مليريا فلو وائرس ڦهلجي ويو آهي ۽ڪيترائي معصوم ٻار مرد توڙي عورتون مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن برساتي پاڻي سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن جي فصل کي پڻ سڪائي ڇڏيو آهي کجي جي باغ پڻ مڪمل تباھ ٿي ويا آهن  مختلف ڳوٺن جي برساتي پاڻي متاثرين ماجد امداد  خيرمحمد جاويد اقبال سڪندر علي دلشير شر مولوي يونس رضواني ظهور احمد مولوي شوڪت شر ٻين دانهيندي چيو ته سانوڻي جي برسات سرڪار جي لاپرواهي سبب اسان لاء رحمت بجاء زحمت ثابت ٿي آهي گهرن ۾ زمينن فصلن رستن تي پاڻي موجود آهي پر مجال آهي جو ضلعي تعلقي يا يوسي انتظاميه برساتي پاڻي نيڪال لاء ڪا ڪوشش ڪري انتظاميه جي لاپرواهي سبب ڪافي ماڻهن جو مالي نقصان ٿيو آهي هنن دانهيندي چيو ته برساتي پاڻي گهرن ۾ موجود هجڻ ۽ مڇرن جي آزار سبب رات ڏينهن ننڊ ڦٽل آهي ۽گهرن ڪرڻ جو خطرو پڻ موجود آهي گهرن ۾ برساتي پاڻي هجڻ سبب گهر خالي ڪري سخت گرمي ۽برسات ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون .هنن وزيراعلي سنڌ ڊي سي خيرپور تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڳوٺن ۽گهرن ۾ موجود برساتي پاڻي نيڪال ڪري ڏنو وڃين يا ڳوٺن ۾ محفوظ مقامن تي خيما بستي قائم ڪري کين رهايو وڃين ته جيئن قدرتي آفت برسات سبب پيش ايندڙ تڪليفون گهٽ ٿي سگهن ۽غريب ماڻهو سڪون سان مشڪل وقت ۾ سرڪار جي مدد سان گذاري سگهن

  • سکر  کي برسات ٻوڙي ڇڏيو، ڪاروباري مرڪز پاڻي هيٺ

سکر ( بيوروچيف) سکر ۾ برساتن جو سلسلو جاري روڊن کي پاڻي ٻوڙي ڇڏيو سکر انتظاميا رھائشي توڙي تجارتي ڪاروباري مرڪز  شاھرا برساتن سبب پاڻي بھجي ويو آھي سکر جي مختلف علائقن اندر جيل روڊ ، ايوب گيٽ، گھنٽا گھر، اسٽيڊيم روڊ، مينارا روڊ جيلاني روڊ ريس ڪورس روڊ سڪو تلاءَ  ريلوي انجڻ شيڊ ڪالوني نيو پنڊ، گڏاڻي ڦاٽڪ  مائڪرو ڪالوني ڀوسا لائين قريشي ڳوٺ نمائش گرائونڊ پراڻو سکر مھراڻ مرڪز سميت ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل آھي بيٺل پاڻي تلائن جو ڏيک ڏئي رھيا آھن، اعليٰ اختياريون، نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرايو .

  • پني عاقل ۾ تيز برسات تباهيون آڻي ڇڏي، روڊ رستا ٻڏي ويا

پنوعاقل ( س ر ) پنوعاقل۾ تيز برسات تباهيون آڻي ڇڏيو، شھر۾ پاڻي تارو تار ٿي ويو ،گھر۽ دڪانن اندر پاڻي بھجي دريھي ليٽ اچڻ جا منظر ڏيڻ لڳو، آبادگارن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسي ويو، رپورٽ موجب پنوعاقل۾ تيز برسات پوڻ ڪري شھرجي روڊن رستن تي درياھي پاڻي جي ليٽ اچڻ جا ڏيک ڏئي رهيو آهي،  پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب شھر جو ڊرينيج سسٽم درست نظام نه  ھجڻ ڪري برساتي پاڻي گھرن۽ دڪانن اندر  داخل ٿي ويو آھي  ڪاروبار تمام متاثر ٿي ويو، تيز برسات پوڻ ڪري ٻھرياڙي ۾ ماڻهن جي جھڳن ڪرڻ جا به اطلاع پڻ آھن ،جڏھن ته مسلسل برسات پوڻ ڪري آبادگارن جا  فصل وونئڻ ، کجي، سبزيون ۽ ٻيا فصل تباھ ٿي ويا آھن جنھن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ۽ ٻھرياڙي جي ڪافي علائقن جا زميني رابطا به ڪٽجي ويا آهن، ماڻھن جون زندگيون مفلوج ٿي ويو آھن، ھوڏانهن  پبلڪ هيلٿ جي ايس ڊي او سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر نه ٿي سگھيو جڏهن ته  ٽي ايم اي سجاد سمائر سان رابطو ڪرڻ تي پنهنجو موقف اختيار ڪندي چيو ته اڄ  برسات تيز پوڻ ڪري شھر ۾پاڻي بيھجي ويو آهي جنهن جي نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو جلد صفايو ڪيو ويندو.

  • چوماسي مينهن ڪوهستاني ماڻهن کي رولڙي ڇڏيو، بي يارو مددگار بڻيل

ڌاٻيجي (ن ع آ)  گذريل 10 ڏينهن کان هلندڙ چوماسي مينهن ڪوهستان پٽي جي علائقن جهمپير ,مالماڙي ,جنگشاهي ,ڪارو جبل  , علقو ڳوٺ ,ڊوري ڳوٺ ,آچار سالار جوکيو ,روڌيڻ بلوچ,جعفر ڳوٺ,صديق ڳوٺ ,مامون سالار ڳوٺ ,سميت سوين ڳوٺن جابلو علائقن جون نيهون  وهڻ سبب روڊ رستا مڪمل طور تي ڪٽجي روڊ ڪٽجي  ويا علائقي واسين جو شهري علائقن ڏانهن نه اچڻ ڪري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا ٻئي پاسي ساحلي پٽي علائقن ڪيٽي بندر ,کارو ڇاڻ,ٻگهاڻ,ڳاڙهو ٻوهارا ,ڪوسٽل هائي وي ڳوٺ عارب جت ڳاڙھي ڀٽ,علي محمد جت,آفي جت,پانڌي جت,عثمان جت ,حاجي قاسم جت ,حبيب خاصخيلي,گل حسن سمون,بابو ملاح,,فقير محمد رجيرو,حاڪم علي رند,مراد علي رند,رتو خان رند,موسي خاصخيلي ,اسماعيل رند,غلام محمد ملاح ,مهيار خاصخيلي ,ڄامن ملاح ,عيدن خاصخيلي سميت سوين ڳوٺ مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويا رڌ پچا لاء گيس جي سهولت نه هئڻ ڪري  چل ٻارڻ لاء ڪاٺيون پاڻي ۾ پسي ڪري  ختم ٿي ويون معصوم ٻارن سميت عورتون مرد کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل انهي موقعي تي علائقي واسين وفا اصغر جت,شاھ محمد ,شاهد جت,حاڪم علي ,علم دين رند ,ڪرم علي ملاح,امين خاصخيلي,مبين رند,محمود رند,مهيار خاصخيلي  ۽ ٻين ٻڌايو ته برساتون پوڻ سبب اسان جي مختلف علائقن سميت يوسي گگاڻ جا مڪمل ڳوٺ پاڻي هيٺ ويا آھين جنهن سبب سرندي وارن ماڻھن جابلو علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ شروع ڪري ڏني آھي پورهيت طبقي جو شهري علائقن سان مڪمل طور تي رابطو ڪٽجي چڪو آھي ڳوٺن ۾ پاڻي ڪاهي پوڻ سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آھيون ڪکاوان گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهڻ سبب پئيڻ جو صاف پاڻي ۽ رڌ پچا کان محروم ٿي ويا آھيون جنهن سبب مڪمل طور تي فاقا ڪشي تي اچي ويا آھيون هنن وس وارن کان اپيل ڪندي چيو ته ساحلي پٽي کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڪري  فوري طور تي سار سنڀال لهي  ڪري ساڻن مدد ڪئي وڃي.

  1. ڪڪڙ ۾پاڻي نيڪال نه ٿيو، گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل

ڪڪڙ(ن ع آ ) گذريل 4 ڏينھن کان پوندڙ برسات تباھي مچائڻ کان پوء رستن گھٽين گھرن ۾ بيٺل برساتي پاڻي ڪڪڙ توڙي ضلعي دادو انتظاميا نيڪال ن ڪرائي سگھي آھي پاڻي نيڪال  ن ٿيڻ دوران ڪچا گھر ڊھڻ جو سلسلو جاري آھي ۽ ڪيترائي گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن جنهن سبب  شهرين جي اهنجن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي جنھن ڪري متاثر ماڻھون بي يارو مدد گار بڻيل آھن اڃا تائين سندن ڏانھن ڪير ب لڙي ن پھتو آھي روڊن رستن تي برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿيو آهي بجلي جو نظام دربرھم آھي شهر جي غريب آباد ڪالوني دينار شاه باء پاس مٺل آباد جوڳي محله ملاح محله ۾  برساتي پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو آھي جن جا متاثر ماڻھون شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن انتظاميه برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ متاثرن ڊي سي دادو توڙي ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيون ٿا ت خدارا برساتي پاڻي نيڪالي لاء فورن جوڳا قدم کڻي متاثرن جي پرگھور لڌي وڃي.

  • برسات جو زور ٽٽڻ باوجود ٺٽي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

ٺٽو(ڊر) ضلعي ٺٽي اندر برساتن جو زور ٽٽڻ باوجود اڃان تائين سوين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ٿي ناھي سگھيو ۽ نہ ئي ڊھي ويل اجھا اڏجي سگھيا آھن، جنھن  ڪري رھواسي سخت پريشان آھن، مختلف ڳوٺن جي رھواسين پاران لڏپلاڻ جو سلسلو پڻ جاري ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڳوٺ الھبخش گندرو، ڳوٺ مصري گھمڻ، ڳوٺ خالو ميربحر، ڳوٺ علو پاتاري، ڳوٺ احمد گھمڻ، ڳوٺ ڪنڌو ناھيو، ڳوٺ درس غلام علي، گلمنڊا، ھاليچي ڍنڍ جي اسپاس جي ڳوٺن سميت ضلعي جا وڏي تعداد ۾ ڳوٺ پاڻي ھيٺ ھجڻ سان گڏ سوين ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، جن جا رھواسي سخت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن، جنگشاھي لڳ درگاھ امير شاھ جيلاني بہ گذريل چئن ڏينھن کان مڪمل پاڻي جي گھيري ۾ آھي، پر انتظاميہ سمورن ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ڪي بہ جوڳا قدم کڻي ناھي سگھي، جنھن ڪري ڪافي ڳوٺن جا ماڻھون پنھنجي مدد پاڻ تحت پاڻي ڪڍڻ وارين ڪوششن ۾ رڌل ھجڻ سان گڏ ڪافي ڳوٺن جا رھواسي گندي پاڻي مان نجات حاصل ڪرڻ لاء لڏپلاڻ ڪري محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي رھيا آھن، ڇاڪاڻ جو برسات بعد رات جو مڇرن ۽ ڏينھن جو مکين عوام جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو آھي، ضلعي انتظاميہ توڙي چونڊيل نمائندن پاران برسات متاثر علائقن جا دورا ڪري پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي ڏنل ھدايتن باوجود سمورن ڳوٺن مان پاڻي نڪرڻ مشڪل بڻجي ويو اھي، ٻئي طرف گجو شھر ۽ ان جي اسپاس جي ڪيترن ئي رھواسين پاران سندن ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء گجو شھر ۾ مين روڊ تي ڌرڻو ھڻي احتجاج پڻ ڪيو پر ڪوبہ عملي ڪم ٿي ناھي سگھيو، ھوڏانھن ضلعي جي سمورن برسات متاثرين وزير اعلي سنڌ، ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آھي تہ فورن سندن ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي مڇر مار ڦوھارو ڪرائي کين ٽينٽ، مڇردانيون، کاڌ خوراڪ سميت صحت جون سھولتون مھيا ڪري ڊھي ويل اجھا ٻيھر اڏي برسات متاثرين کي پريشاني کان بچايو وڃي.

  • غوث پور انتظاميا گم، جي يو آءِ  ڪارڪنن برساتي پاڻي ڪڍي ورتو

غوث پور  (ن ع آ) غوث پور.۽ ڀر پاسي برسات تباهي مچائي ڇڏي مسلسل برسات پوڻ بعد ٽائون انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به اپا۽ نه ورتا آهن.اهڙي  صورتحال جو جائزو وٺڻ  لاءِ جي يو آءِ  غوثپور جي امير سيد سھيل احمد شاهه جيلاني پنهنجي ٽيم ساڻ ڪري  شهر جي مختلف پاڙن ۽ ڳوٺن  جو معائنو ڪيو ڳوٺن ۾ ڳنڀير صورتحال ھجڻ ڪري ھنگامي بنيادن تي پنهنجي مدد پاڻ تحت برسات جو پاڻي ڪڍڻ جي شروعات ڪئي ۽ 6 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد  برساتي پاڻي ڪڍيو ويو.  ان موقعي تي سهيل احمد شاھ جيلاني ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽائون آفيسر شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، اها انتهائي لاپرواهي ۽ نااهلي آهي، اهڙي ٽائون آفيسر کي نوڪري مان برطرف ڪيو وڃي.

  • قادرپور لڳ برسات بعد گهر ڊهي پيو، عورت زخمي، لکن جو نقصان

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ويجهو قادرپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مسلسل  ٿيندڙ برسات سبب گهر ڊهي پيو هڪ پيرسن عورت مائي شهزادي  زخمي ۽ لکين رپين جو نقصان،خبر موجب وقفي وقفي سان گذريل 24 ڪلاڪن جي برسات سبب قادرپور جي ميراڻي محله ۾ محمد سچل ميراڻي جو گهر ڪِري پيو، گهر ۾ سمورو پيل سامان به ٻڏي ويو، پورهيت محمد سچل ميراڻي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن کان  جاري برسات سبب منهنجو گهر ڪِري پيو ،جنهن ۾ منهنجي امڙ زخمي ٿي پئي گهر ۾ سمورو سامانڀڄي پيو آهي مان هڪ غريب پورهيت آهيان ،کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيان منهنجو ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، ، ڊي سي ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

  • کهڙا ۾ برسات رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ٻه ڪلاڪ تائين هلندڙ مينهن  شھر ٻوڙي ڇڏيو

کهڙا (ن ع آ)  کهڙا ۾ برسات رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. گجگوڙ سان لڳاتار ٻه ڪلاڪ تيز برساتي وسڪاري شھر کي ٻوڙي ڇڏيو. ڪيترائي محله. ڪالونيون پاڻي هيٺ. مسڪين ماڻھن جو ساه مٺ ۾. غريبن جي ڪچن گهرن کي نقصان.  کجين جا باغ. ووئڻ ۽ ٻيا فصل تباه. باغائن  جا پڙھ ٻڏي ويا. تيار ڪيل خارڪون. ڇونهارا. ڏوڪا لڙھي ويا. آبادگارن کي ڪروڙن جو نقصان. پنجن ڏينهن کان مسلسل وقفي وقفي سان پوندڙ تيز برساتي وسڪارن عام زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي. ماڻھون گهرن تائين محدود. ڏھن ڪلاڪ تائين مسلسل بجلي غائب. مواصلاتي نظام درهم برهم. گهرن. دڪانن جون ڇتون. ڇپرا ڪري پٽ. ٽائون ڪاميٽي جي صفائي وارو عملو الرٽ رهيو. ڳوٺن جا شھر سان رابطا ڪاٽا سنڌ جي مختلف شھرن جيان کهڙا ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ننڊن وڏن علائقن ۾ سانوڻي جي برساتي وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي آھي کهڙا شھر ۾ پنجين ڏينهن اربع تي به مسلسل وقفي وقفي سان برساتي وسڪارن جو سلسلو جاري رهيو ٻوڏ واري صورتحال رهي غريب آباد. ڀٽائي آباد. موسن شاه ڪالوني ۽ ٻيون ڪالونيون توڙي پاڙا پاڻي هيٺ اچي ويا.

  • سکر ريلوي اسٽيشن جي بڪنگ آفيس مان پاڻي نه نڪتو

سکر ( بيورو چيف) سکر ۾ گزريل رات مون سون جي برسات سکر جي ريلوي آفيس جي احاطي اندر بڪنگ آفيس) سميت ريلوي  اسٽيشن ڪالوني ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي جنھن سبب شھري سخت مشڪلاتن سان منھن ڏئي رھيا آھن پاڻي جي نيڪالي لاءِ  اعليٰ  اختيارين نوٽيس وٺي ھنگامي بنيادتن تي  بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.