پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي ۽ مذهبي بنيادن تي آهن: احسن اقبال

اسلام آباد (اي پي پي)منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي ۽ مذهبي بنيادن تي آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يونيورسٽي گڏيل ٽويننگ پروگرام سان هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير مهمت پچاجي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن اربع ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقع تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي ۽ مذهبي بنيادن تي آهن، ترڪي لاءِ پاڪستاني عوام جي دل ۾ خصوصي جذبا آهن، وفاقي وزير پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ معاشي ميدان ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يونيورسٽي گڏيل ٽويننگ پروگرام سان هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿيندا، هن چيو ته تعليمي شعبي ۾ شاگردن ۽ فيڪلٽي ايڪسچينج پروگرام ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ رابطا گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو سبب بڻجندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.