قائدآباد ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان بلن ۾ واڌو ٽيڪس لڳائڻ خلاف ڌرڻو

ملير (ڊ ر)قائدآباد جي واپارين ۽ سول سوسائٽي پاران ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي بلن ۾ ڇهه هزار روپيه ريٽيلر سيلز ٽيڪس شامل ڪرڻ خلاف قائدآباد جي واپارين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جو مين قائدآباد چوڪ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ واپارين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ڪي اليڪٽرڪ خلاف سخت نعريبازي، ان موقعي تي مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي بلن ۾ 6 هزار روپيه ريٽيلر سيلز ٽيڪس شامل ڪيو ويو آهي جنهن سبب اسان سخت پريشان آهيون، هنن چيو ته بلن ۾ ناجائز ٽيڪس لڳائي اسان کي حراسان ڪيو پيو وڃي. مظاھرين چيو ته ھڪ طرف مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي ۽ اسان جي علائقن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ جو آزار آھي ته ٻئي طرف ڳرا ڳرا بل موڪلي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه مختلف ٽيڪسن جي بھاني عوام کان عربين روپيه غنڊه ٽيڪس وصول ڪري رھي آھي ۽ حڪمرانن جي خاموشي مان ثابت ٿئي ٿو ته ان غنڊه ٽيڪس ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھي، انھن وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪي اي انتظاميه جي غنڊه ٽيڪس جو نوٽس وٺي عوام کي رليف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.