ميهڙ ۾ فيس بوڪ تي پوسٽ رکڻ تان جيالا وڙهي پيا، 5 ڄڻا ڌڪي

ميھڙ (س ر ) ميهڙ ۾ جويا ۽ شيخ برادري جي ٻن ڌرين پ پ پ جي اڳواڻن ڪاشف شيخ ۽ ذوالفقار جويو ۾ فيسبوڪ تان پوسٽ رکڻ هڪ  ٻئي کي گٿا لفظ ڳالهائڻ تان گذريل ڏينهن جهيڙي کان پوء ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي.

جاري ڇڪتاڻ تان ميهڙ جي شاھي بازار ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ڌرين پاران ھڪ ٻئي مٿان الڳ الڳ حملا ڪيا جھيڙي دوران دڪان تي مزدوري ڪندڙ پورھيتن سميت ڌرين جا 5 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ هڪ ڌر جو ڪاشف شيخ ، راجا شيخ ، نواز چانڊيو ، بدر ڪولاچي جڏهن ته ٻي ڌر جا بهادر جويو، احسان جويو ۽ ٻيا شامل آھي زخمين  کي تعلقه اسپتال ميهڙ آندو ويو آھي . زخمين مان بھادر جويو جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو ھوڏانھن هڪ ڌر جي ڪاشف شيخ جو چوڻ آھي ته ذوالفقار جويو ۔ احسان جويو 20 کان وڌيڪ ڏنڊا برادر وٺي اسان جي دڪان تي حملو ڪيو آھي جڏنھن تہ جويا برادري جي  زخمي نوجوان بھادر جويو جو چوڻ آھي ته شيخ برادري جي ڪاشف شيخ ، راجا شيخ ۽ ٻين دڪان تي حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو آھي ٻئي طرف شيخ ۽ جويا برادري پاران پنهنجا ڪاروبار بند ڪري ھڪ ٻئي خلاف احتجاج ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪئي ڌرين ۾ ٻن ڏينھن کان ڇڪتاڻ جاري آھي ميھڙ پوليس ٻنھي ڌرين جي زخمين کي ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي ٻنھي ڌرين جي ھڪ ٻئي مٿان اين سي داخل ڪئي وئي آھي پوليس ھن وقت تائين ڪا به گرفتاري نه ڪري سگھي آھي جڏنھن تہ ٻنھي ڌرين جي جھيڙي جو فيصلو پ پ پ تعلقه صدر محمود مھيسر وٽ رکيو ويو آھي ٻنھي ڌرين کي فيصلي تائين جھيڙو نه ڪرڻ جو به پابند ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.