ڪولگام، حملي ۾ ڀارتي فوجي زخمي، علائقي ۾ تلاشي واري آپريشن جاري

سرينگر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ضلعي ڪولگام ۾ هڪ حملي ۾ ڀارتي فوج جو هڪ اهلڪار شديد زخمي ٿي پيو . ڪشمير ميڊيا سروس ڀارتي فوجين اڄ صبح سوير ضلعي جي علائقي بري هارڊ ڪاٺ پوره جي سمورن رستن کي سيل ڪري تلاشي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي . جنهن دوران شڪي هٿيار بند طرفان فوجين تي ڪيل حملي ۾ هڪ اهلڪار شديد زخمي ٿي پيو . آخري اطلاع تائين علائقي ۾ ڀارتي فوج جي تلاشي واري آپريشن جاري هئي.

  • صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي پاران ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشانِ حيدر) کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي قوم جي بهادر سپوت ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشانِ حيدر) کي سندس يوم شهادت تي شاندار لفظن  ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد 1948ع ۾ ڪشمير ۾ وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. صدر مملڪت قوم جي بهادر سپوت کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد دشمن جو بهادري سان مقابلو ڪيو. هن چيو ته قوم وطن جي دفاع لاءِ جان قربان ڪندڙ شهيدن جي احسانمند رهندي هن ڪيپٽن محمد سرور شهيد ۽ ٻين سڀني شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا پڻ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.