حيدرآباد ۾ شاگردن جي فڪري ويهڪ، شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد اسٽوڊنٽس الائنس جي فڪري ويهڪ ۾ 38 سالن کانپوءِ 2019ع ۾ پاس ٿيل سنڌ اسٽوڊنٽس يونين بل کي اڻپورو قرار ڏيندي بل جي کٽل پاسن تي ٻيهر غور ويچار  ڪرڻ سان گڏ بنا ڪنهن دير جي شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، حيدرآباد اسٽوڊنٽس الائنس پاران ڪالهه حيدرآباد ۾ عوامي جمهوري پارٽيءَ جي آفيس ۾ فڪري ويهڪ ٿي. جنهن ۾ ڳالهائيندي ماضيءَ ۾ شاگرد سياست جي اهم ڪردار پروفيسر سراج سيال چيو ته آئون هن پاس ٿيل اسٽوڊنٽس يونين بل سان متفق ناهيان، سماج جي سمورن طبقن کي هن اڻپوري بل بابت شاگرد تنظيمن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته شاگرد يونين جي بحالي بابت تصوراتي رويي بجاءِ حقيقت تي ٻڌل نقطه نظر هجڻ گهرجي، شاگرد يونين به ايئن هجي ٿي جيئن ڄڻ بلدياتي چونڊون آهن، شاگرد يونين واري چونڊ جو ضابطه اخلاق بل ۾ موجود قائدن ۽ قانونن  تحت هجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ شاگرد تنظيمون سڌي طرح پنهنجا تنظيمي پينل جوڙي نٿيون سگهن. تنهن هوندي به شاگرد يونين جو هجڻ شاگردن کي هڪ پنهنجو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ جو ذريعو هجي ٿو. هن چيو ته 2019ع واري شاگرد يونين بل ۾ بنيادي نوعيت جا اهم نقطه رهيل آهن، جنهن تي بحث ٿيڻ گهرجي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو تعليمي ادارن جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جي جوڙجڪ، سينٽ ۽ سينڊيڪيٽ جهڙن يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل فورمن ۽ ادارن بابت مڪمل معلومات رکن ته جيئن هو پنهنجو موقف اثرائتي انداز سان رکي ۽ مڃرائي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته شاگردن جا ڪروڙن رپين جا فنڊ تعليمي ادارن ۾ موجود آهن، جيڪي خرچ  نٿا ٿين، شاگردن کي ان لٽ مار جي بازار جو حساب وٺڻ گهرجي. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ  ۽ سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته ضياءَ الحق جي قهري مارشلائن واري ڏينهن ۾ 1984ع ۾ شاگرد يونين تي بندش هنئي وئي، 38 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، سنڌ اسيمبليءَ شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرڻ وارو بل به پاس ڪري ڇڏيو آهي پر اڄ به تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين قائم ڪرڻ وارو عمل شروع نه ٿي سگهيو آهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ هن بل ۾ شاگردن جي سوچڻ، لکڻ، ڳالهائڻ ۽ سياست تي ڪيتريون ئي بندشون هنيون ويون آهن پر تنهن هوندي به بنا ڪنهن دير جي شاگردن کي يونين سازيءَ جو حق ڏنو وڃي ۽ ان جي کٽل پاسن تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ شاگردن آمريتن خلاف وڏيون بغاوتون ڪيون، قومي ۽ طبقاتي جدوجهدن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ فرسوده سياست کي رد ڪري سنڌ کي نئين سياسي قيادت ڏني. منهنجي نظر ۾ اهو عمل جاري رهڻ گهرجي. ان موقعي تي نواب چانڊيو، وجدان سيال، انصار باغي، علي رضا، منصور نائچ، الطاف حسين، حيدرآباد اسٽوڊنٽس الائنس جي نمائندگي ڪندي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن شاگردن کي يونين سازيءَ جو حق نه ڏنو ويو ته نه رڳو سڄي سنڌ پر پاڪستان ۾ گڏيل جدوجهد ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.