پينل آف چيئرمين پنجاب اسيمبلي جو اجلاس خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

لاهور(اي پي پي) پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اربع ڏينهن پينل آف چيئرمين نوابزاده وسيم خان بادوزي جي صدارت ۾ شروع ٿيو، اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن ايوان ۾ حڪومتي سيٽون  سنڀالي ورتيون، راجا بشارت، چوڌري ظهير الدين سميت ٻيا اسيمبلي ميمبر حڪومتي سيٽن تي ويهي رهيا جڏهن ته ن ليگ ۽ اتحادي پارٽين جو ڪوبه اسيمبلي ميمبر ايوان ۾ نه پهتو، پينل آف چيئرمين چيو ته حڪومت اڃان جوڙجڪ جي مرحلي ۾ آهي، جيستائين ڪابينا نٿي ٺهي اجلاس نٿو گهرائي سگهجي، حڪومت جي مڪمل ٿيڻ تائين اسيمبلي بزنس نٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري اجلاس 28 جولاءِ خميس هڪ وڳي تائين ملتوي ڪيو وڃي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.