مانجهند ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت گهر ۾ ڪهرام

مانجهند (ن ع آ) مانجهند جي ميمڻ محلا ۾ پنکي هلائڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 28 ورهين جو نوجوان غلام حسين عرف  دودو ميمڻ موقعي تي فوت ويو وارثن کيس تعلقه اسپتال مانجهند آندو جتي فوتگي جي ڊاڪٽر تصديق ڪئي.  جنهن اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو فوتي نوجوان  ڊي ڊي او تعليم کاتو ڄامشورو ۽ ھيڊ ماستر هاء اسڪول مانجهند محمد صالح ميمڻ جو ڀائيٽيو هو فوتي جي جنازي ۾ وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي.

جنهن بعد مڙھ کي شاه اويس قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.