بٺوري ۾ گنج بحر ڪئنال جو پاڻي ٻيهر بند،آبدگارن جو چور واھ اسٽاپ وٽ ڌرڻو

ميرپوربٺورو  (رپورٽ: شوڪت سومرو) ميرپوربٺورو آبپاشي انتظاميا گنج بحر ڪئنال جو پاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب فتح واھ، شاھ واھ ،جعفر واھ، چور واھ سميت مختلف شاخن کي پاڻي نه ملي سگهيو ۽ ساريالو ٻيجارو سڙڻ لڳو.آبادگارن جو چوڻ آهي ته  پاڻي نه هئڻ سبب اسان اڃا تائين سارين جو فصل به پوکي نه سگهيا آهيون، ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻي ڇڏيو ويو، اميد هئي ته اهو پاڻي ٻه مهينا رهندو پر آبپاشي انتظاميا پاڻي بند  ڪري اسان کي معاشي بدحالي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف ميرپوربٺورو جا آبادگار مسلسل ٻن مهينن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن جڏهن ته هڪ هفتو اڳ ميرپور بٺورو ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال پڻ ڪئي وئي هئي جنهن کان پوءِ ڪئنال ۾ پاڻي ڇڏيو ويو هو ۽ ان جي ٻن ڏينهن بعد ٻيهر پاڻي بند ڪيو ويو آهي. هوڏانهن بٺورو جي آبادگارن گنج بحر ڪئنال ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي کوٽ خلاف چور واھ اسٽاپ وٽ قيوم شورو، بختيار جتوئي، عارب ڪيھر، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ نعمان شورو، پي ٽي آءِ جي راجا شورو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي سجاول روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته آبپاشي عملدار ن آبادگارن کي معاشي طور تباه ڪري ڇڏيو آهي، فقط گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ آهي ۽ ايس ڊي او ايريگيشن ھٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نااهل آبپاشي عملدار هٽائي گنج بحر ڪئنال کي پاڻي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.