لاڙڪاڻي ۾ زال گهر نه اچڻ تي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد ٿاڻي جي حد گلشن حاجي ڳهڻو ڪالوني جي شيطاني چوڪ واري علائقي جي رهواسي 27 سالن  جي نوجوان عرفان پٽ قربان بليدي گهرواڻبڻت تان گهر اندر پنهنجي مٿان پسٽل جو فائر ڪري مبينا طور خودڪشي ڪري ڇڏي، اهڙي واقعي جو اطلاع علائقي واسين پاران حد جي ٿاڻي تي ڏنو ويو، جنهن تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان پوءِ سندس وارثن حوالي ڪيو. ان موقعي تي نوجوان جي والد قربان بليدي صحافين کي ٻڌايو ته 10 ڏينهن اڳ منهنجي ننهن ٽن ٻارڙن سان گڏجي قمبر جي ڳوٺ ملوڪ بليدي ۾ پنهنجي والدين ڏانهن گهمڻ وئي هئي، جتي سندس والد حاڪم بليدي ننهن کي زبردستي روڪي ڇڏيو. هن چيو ته پٽ عرفان ڪيترائي ڀيرا پنهنجي گهرواري ۽ ٻارڙن کي وٺڻ لاءِ ساهرن ڏانهن ويو، پر سندس سهري صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تان هن دلشڪستا ٿي اهڙو قدم کنيو آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ جي قتل جو ڪيس سندس سهري حاڪم بليدي مٿان داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.