پني عاقل لک ريل مان ڪري نوجوان فوت

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ)پنوعاقل ريلوي اسٽيشن ويجهو ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ملت ايڪسپريس ٽرين مان نوجوان ڪرڻ سبب  ٽرين هيٺان اچڻ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن بعد ريلوي پوليس نوجوان جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال پنوعاقل پهچايو، ريلوي پوليس ٻڌايو ته فوتي نوجوان جي سڃاڻپ مبشر بلوچ جي نالي سان ٿي آهي جيڪو ڪراچي کان پنجاب جي علائقي جهانيان وڃي رهيو هو ته پنوعاقل ريلوي اسٽيشن ويجهو هلندڙ ٽرين مان هيٺ ڪرڻ سبب ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويو آهي، جنهن جو لاش تعلقه اسپتال پنوعاقل پهچايو آهي، جڏهن کان پوءِ  فوتي نوجوان جو لاش وارث پهچڻ بعد  کين جي  حوالي ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.