مصري جوڳي جو مڙهه مومل ماڙيءَ ڀرسان دفن

عمرڪوٽ (ڊ ر) مرلي جي ڌن تي نانگ نچائيندڙ صدارتي ايوارڊ يافته ڪلاڪار مصري جوڳي جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. مصري  جوڳي جو مڙھ مومل ماڙي ڀرسان دفنايو ويو.مصري جوڳي جي آخري رسمن ۾جوڳي برادري سميت شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. عالمي مڃتا مليل مصري جوڳي ٽن ورهين کان دل جي عارضي ۽  جگر  جي ڪينسر  ۾ ورتل رهيو،بيماري دوران سنڌ حڪومت توڙي ثقافت کاتي سندس سار نه لڌي جڏهن ته آخري رسمن ۾به ثقافت کاتي جي ڪامورن توڙي جونڊيل نمائندن شرڪت نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.