روهڙي جو صحافي جي ايم حيدري ڪيس مان باعزت بري ٿي ويو

روھڙي  ( ن ع آ )جي ايم حيدري ڪوڙي ڪيس مان باعزت بري، صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران جشن صحافي جي ايم حيدري جي  آزادي جو ٻڏي مختلف شهرن جا صحافي دوست سکر پهچي ويا، شاندار استقبال ڪيو ويو،

سيد پريل شاهه، وڪيل امداد ملڪ، سلطان رند، جميل ساگر، تاج رند، نديم بوزدار، غلام اڪبر بکراڻي ياسين جتوئي، مولانا عبيدالله ڀٽو ابن آزاد، حافظ جميل احمد لنڊ مسعود احمد، سرور جتوئي،  عبدالمجيد ڪٽبر، مولانا حقنواز حيدري، اعظم طارق حيدري ۽ ٻين جي ايم حيدري جو جيل جي مين گيٽ وٽ گل نڇاور ڪري استقبال ڪيو جيل مان آزادي ملڻ بعد صحافي جي ايم حيدري ڳالهائيندي چيو ته سچ سدائين بلندين تائين پهچي ڪوڙ جي اوندهه کي آئينو ڏيکاريندو رهيو آهي،  ڪوڙي ۽ جعلي ترقي جو حامي ناهيان، حقيقتن کي عوام آڏو پهچائڻ واري صحافتي فرض ۾ ذرو برابر پوئتي نه هٽندس هن چيو ته  تشدد، کنڀڻ، ٿاڻا ۽ جيل اسان کي پنهنجي سچ واري ڳالهه کان روڪي نه ٿا سگهن ان موقعي تي جي ايم حيدري  ناليوارن صحافين لالا اسد پٺاڻ، نعمت کهڙو، دلشاد ڀٽي اصغر ملاڻو سميت سٿ جي سمورن ساٿين جن ساٿ ڏنو ۽ آزادي لاءِ آواز اٿارڻ تي ٿورا مڃيا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.