پنجاب ۾ وڏي وزير جي اليڪشن، سچ ۽ حق جي سوڀ ٿي: امير بخش ڀٽو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سينيئر نائب صدر امير بخش خان ڀٽو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پ نجاب جي وزيراعليٰ جي انتخاب ۾ آئين، جمهوريت، سچ ۽ حق جي سوڀ ٿي آهي، باوجود ان جي جو بيروني ملڪن جي ايجنٽن ۽ جمهوريت دشمنن عوام جي راءِکي مفلوج ڪري پائمال ڪرڻ جو وس ڪيو پر اُهي ٻوٿ ڀر ڪريا، انهن کي 17 جولاءِ تي پنجاب ۾ ضمني چونڊن ۾ عبرتناڪ شڪست ذريعي ذلت نصيب ٿي ۽ هاڻ وري سپريم ڪورٽ ۾ به انهن جا منهن وڃي ڀت سان لڳا آهن .اهو اهڙن عناصرن جو يقيني انجام هوندو آهي. جيڪي اقتدار خاطر ضمير جو سودو ڪرڻ ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ خاطر قومي مفاد نيلام ڪرڻ لاءِ هميشه تيار هوندا آهن، اهي ان مرندڙ سياسي نظام جي عڪاسي ڪن ٿا جنهن کي ملڪ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي هاڻ انهن لاءِ ملڪ ۾ اڀرندڙ نئين سياسي نظام ۾ ڪابه جاءِ ڪونه آهي، هي نئون سياسي نظام عوام جي حقيقي نمائيندگي قومي مفادن جو بيروني ملڪ ۽ اندروني ملڪ اڀرندڙ خطرات کان تحفظ ۽ ناڪاره مدي خارج سوچ ۽ نظريي سميت نااهل ۽ ڪرپٽ عناصرن کي سياسي ميدان مان نيڪالي ڏيڻ تي مبني آهي. پر هي پراڻو سياسي نظام آسانيءَ سان ڪونه مرندو ۽ سڪرات ۾ به ملڪ کي نقصان پهچائي سگهي ٿو جنهن ڪري ان تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي، موجوده حالتن ۾ سڀ کان وڌيڪ حوصلاافزائي ڪندڙ ۽ مثبت ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جو عوام هاڻ اڳ کان ڪيئي درجا وڌيڪ باشعور آهي ۽ هو پنهنجي راءِ مڃائڻ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ملڪ جو عوام هاڻ خاموش تماشائي بڻجي مفاد پرستن ۽ چورن کي ملڪ کي هائجيڪ ڪرڻ نه ڏيندا، عوام ئي سياسي طاقت جو سرچشمو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جا پاڻ مالڪ به آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ عمران خان پهريون سياسي اڳواڻ آهي جنهن عوام کي اها سجاڳي ۽ شعور ڏنو آهي، جيڪڏهن اها روايت قائم رهي ته پوءِ هن ملڪ جو مستقبل روشن آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف کي هاڻ سنڌ تي توجهه ڏيڻي پوندي جتي هن وقت تائين زرداريءَ کي مڪمل ڇوٽ مليل هئي، سنڌ پيپلز پارٽيءَ مان نجات ٿي چاهي پر سنڌ جي سياسي ميدان ۾ ٻيو ڪو متبادل ڪونه آهي صرف پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام لاءِ هڪ مثبت متبادل قوت ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ جو عوام عمران خان جو منتظر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.