ڪشمور ۾شهري سان ھڪ ڪروڙ 23 لک رپين جو فراڊ،احتجاج

ڪشمور (ت ر) ڪشمور ۾ھڪ ڪروڙ 23 لک رپين جو جعلي چيڪ ڏئي فراڊ ڪندڙ بااثر ۽ سندس پٽن خلاف متاثر ڌر جي ماڻهن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي متاثر پورهيت معشوق چنو دانهيندي چيو ته عبدالواحد شيخ ۽ سندس پٽن ،عبدالرحيم ۽ عبدالعزيز سان 2015ع دوران ڪاروبار ڪيو ۽ ڏيتي ليتي دوران هنن  فراڊ ڪري ھڪ ڪروڙ 23 لک رپيا ڦٻايا ۽ ھڙپ ڪيل رقم جو جعلي چيڪ ڏنو.هن الزام هنيو ته  عبدالواحد شيخ منهنجي ضمانت تي مختلف ماڻهن کان لکين رپيا قرض وٺي پئسا واپس نه ڪيا، انھن ماڻھن منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.  مان گهر کان به گھر ٿي ويو آهيان، ٻارڙا فاقاڪسي واري زندگي گذارين ٿا ۽ ماڻهن طرفان قرض جي پئسن عيوض گھر اچي جھيڙا فساد ڪرڻ جي صدمي ۾ منهنجي امڙ فاوت ڪري وئي.هن چيو ته فراڊ ڪندڙ عبدالواحد شيخ منهنجي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا بااثر ماڻهن جي اثر رسوخ سان منهنجا ھڪ ڪروڙ 23 لک رپيا ڦٻايا، 2019ع ۾ ھڪ خانگي بينڪ جو جعلي چيڪ ڏنو، جيڪو ڪيش نه ٿيو ۽ ھينئر پئسا ڏيڻ بجاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.هن مطالبو ڪيو  ته جعلي چيڪ ڏيئي فراڊ ڪندڙ جوابدار عبدالواحد شيخ ۽ سندس پٽن عبدالعزيز شيخ عبدالرحيم شيخ ۽ ساٿين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ھڙپ ڪيل ھڪ ڪروڙ 23 لک رپيا ريڪور ڪرايا وڃن ٻي صورت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.