اي جي پي اڳواڻ صلاح چانڊيو جو پٽ لاڏاڻو ڪري ويو

حيدر آباد (پ ر ) عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ محمدصلاح چانڊيو جو وڏو پُٽُ ۽ حريف خان چانڊيو جو ڀائيٽيو پروفيسر ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو جو وڏو ڀاءُ محمد مراد چانڊيو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو  ڪري ويو آهي۔محمد مراد چانڊيو ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو جنهن سبب سندس وائيٽ بلڊ سيل گهٽجي ويا جنهن ڪري کيس ڪالهه صبح سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو ۽ شام 4 بجه دم ڌڻي حوالي ڪيو چاليه سالن جي محمد مراد چانڊيو جي جنازي نماز اڄ صبح ڳوٺ نهال تنيو ۾ ادا ڪري مٽي ماءِ حوالي ڪيو ويندو.  اي جي پي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، جنرل سيڪريٽري خادم ٽالپر، مرڪزي اڳواڻن ڪرم حسين وساڻ، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، ڊاڪٽر سراج سيال، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، پروفيسر امير گل ڪٽوهر، ڀائو در محمد ٻرڙو، ادي نذير قريشي، غلام قمبر حاجاڻو، نور نبي راهوجو، جاويد ڀٽي، علي محمد لغاري، ايڊووڪيٽ نعيم ٽالپر، درياه خان شيخ ۽ حڪيم زنگيجو، شاه محمد انڍڙ، رشيد سڌايو، سنڌي عورت تنظم جي مرڪزي صدر شهزادي ڀرڳڙي، ايس ايس او جي جنرل سيڪريٽري نور جوکيو ۽ ٻين محمد مراد چانڊيو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي صلاح چانڊيو ۽ حريف چانڊيو سان دلي ڏک جو اظهار ڪري مرحوم جي مغفرت لاءِ ڌڻي در دعاڳو آهيون.

  • اڏيري لال ۾ نينگر سان بدفعلي ڪندڙ پيش امام عدالت ۾ پيش

اوڏيرولال (ن ع آ) اڏيرولال اسٽيشن ۾ نينگر شاهزيب جسڪاڻي سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار خدا بخش ڇٽو کي پوليس هڪ ڏينهن جي ريمانڊ بعد گذريل ڏينهن  ٻيهر جوبدار کي سيشن ڪورٽ مٽياري ۾ پيش ڪيو جتي مٽياري جي ڪورٽ  جوڊيشل ڪسٽڊي تحت 12 ڏينهن لاءِ سب جيل هالا موڪلي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار نالي پيش امام  خدابخش ڇٽو اوڏيرولال اسٽيشن جي ريلوي پاڙي ۾ واقعي عزيز مسجد ۾ نينگر سان زيادتي ڪئي.  هئي جنهن جو ڪيس نينگر جي پي الهجڙيو جسڪاڻي جي فرياد تي اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو اهو.

  • ڪرپشن سبب سنڌ ۾ برسات بعد تباهي ٿي آهي

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته بلدياتي ادارن ۾ حڪمرانن جي ڪيل ڪرپشن سبب سنڌ ۾ برساتي تباھي ٿي آھي. نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ (اين ڊي ايم اي)  نالي ادارو آفتن جي نالي ۾ ٻارهوئي مهينا فنڊ هڙپي ٿو پر موجوده وقت ۾ برساتي تباهين وقت اين ڊي ايم اي وارا ڳولهيا نٿا لڀن. اين ڊيم اي جو ڪم جيڪڏهن آفتن وقت غائب ٿيڻ آهي ته اهڙي ٽوٽي ۽ اٽي تي چٽي اداري کي ختم ڪري، هن وقت تائين هڙپ ڪيل فنڊن جو اين ڊي ايم اي کان حساب ڪتاب ورتو وڃي.  اڳواڻن چيو ته برساتن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گهرن ۾ پاڻي بيهڻ ڪري ڪيترائي گهر ڊهي پيا آهن جنهن ڪري معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ فوت ٿي ويا آهن پر وزيرعلي سنڌ برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ بدران ڪراچي جي ڊفينس ۽ ڪلفٽن جهڙن علائقن ۾ ويهي ميڊيا آڏو فوٽوسيشن ۾ مشغول آهي. ڪاڇي توڙي ڪچي جا ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار بڻيل آهن. ڪيترن ئي ڳوٺن جا شهري علائقن سان رابطا ڪٽجي ويا آهن. جنهن ڪري اهي ڳوٺ کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي شديد کوٽ جي ور چڙهيل آهن. تنهن هوندي به ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي جهڙا ادارا ناهن پهتا. محفوظ  هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿيڻ سبب سنڌ جا لکين ماڻهو زندگي ۽ موت جي چو واٽي تي بيٺل آهن پر سنڌ حڪومت اهڙي هٿرادو مصيبت جيڪا سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري پيدا ٿي آهي، تنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام کي اڪيلو ۽ بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو آهي. ضلعن جي انتظاميا به بندن جو معائنو ڪرڻ جي نالي ۾ فوٽو سيشن ڪري، ٽي اي ڊي اي جي مد ۾ لکين روپيا هڙپ ڪري ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ ۾ مشغول آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت برسات متاثرن کي هنگامي بنيادن تي ريسڪيو ڪري، سندن واهر ڪئي وڃي. گهربل دوائون، موبائيل اسپتالون، کاڌ خوراڪ جو سامان ۽ برساتي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو وظيفو متاثرن ماڻهن کي فورن ڏنو وڃي. ان سان گڏ سمورن بچاء بندن ۽ درياء جي ڪپن کي پڪو ڪري، بچيل شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڏ کان بچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.