حيدرآباد ۾هوسڙي واسين جو ناريءَ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) هوسڙي مان 7 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان ڇوڪري عزت سولنگي جي بازيابي لاءِ وارثن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عزت جي امڙ حاجياڻي سولنگي الزام هڻندي چيو ته 21 جولائي تي بااثر جوابدار سندس ڌيءُ کي اغوا ڪري ويو آهي. حد جي پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس جوابدارن جي گرفتاري توڙي ڌيء جي بازيابي لاءِ ڪو به تحرڪ نٿي وٺـي. هن ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته سندس ڌيءُ کي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.