خيرپور لڳ برسات سبب گهر ڪري پيو، 3 ڄڻا زخمي

خيرپور( ڊ  ر )خيرپور ڀرسان ڳوٺ جان محمد پھوڙ ۾ برسات سبب ڳوٺاڻي عبدالستار پھوڙ جو گهر ڌماڪي سان ڪري پيو جنهن جي  نتيجي ۾ گھر اندر ويٺل ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ گھر ڌڻي عبدالستار پهوڙ سندس زال ڪونج ۽ هڪ پٽ خان محمد پهوڙ شديد زخمي ٿي پيا جن کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گھر جي ڪريل ملبي هيٺان ڪڍي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايو جتي سندن علاج جاري آهي هوڏانهن اطلاع باوجود انتظاميه جو ڪوبه عملدار واقعي واري هنڌ تي نه پهتو ٻئي طرف خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڇتن شاه ۾ گھر جي ڇت ڪري پئي. جنهن جي نتيجي ۾ جان محمد جاگيراڻي ۽ سندس زال شهناز زخمي ٿي پيا زخمين کي ڳوٺاڻن اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.