ميرو خان ۾ بجلي ٺاهيندي لائين مين زخمي، لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ڀرسان ميروخان شهر ۾ بجلي جي پول تي بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب واپڊا جو اسسٽنٽ لائين مين نظر  محمد تنيو سڙي زخمي ٿي پيو، جنهن کي ساٿي ملازمن ۽ علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي اسسٽنٽ لائين مين زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سيپڪو جي عملي صحافين کي ٻڌايو ته نظر محمد تنيو ميروخان شهر ۾ بجلي ٺاهي رهيو هيو، جتي کيس ڪرنٽ لڳو ۽ هو زخمي ٿي پيو، جنهن کي کڻائي علاج لاءِ اسپتال آندو ويو، پر هو فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن فوتي ملازم جو لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائين بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته فوت ٿيل واپڊا جي ملازم جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.