ميرپورخاص ۾ حيسڪو جي زيادتين خلاف رنگ روڊ تي ڌرڻو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ ڳوٺ دائم چوهاڻ جي رهواسين  حيسڪو جي زيادتين خلاف رنگ روڊ تي احتجاجي مظاهرو  ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ڏاسنهن ويندڙ ٽرئفڪ معطل رهي. مظاهرين کي خطاب ڪندي روپلو چوھاڻ، نادر چوھاڻ، جنرل ڪائونسلر سومار چوھاڻ ۽ ٻين چيو ته گذريل ٻن مهينن کان حيسڪو وارن ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آھي، جنهن ڪري گرمي سبب عذاب ۾ ورتل آھيون. ھنن الزام هنيو ته حيسڪو ۾ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ حيسڪو جي ڪامورن جا دادلا پٽ بڻيل آھن جيڪي رشوت عيوض ڊائريڪٽ بجلي جون تارون لڳائي ڏين ٿا ۽ رشوت نه ڏيندڙن کي پريشان ڪن ٿا.هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ جي رهواسين پاران ڪنڊا لڳائڻ لاءِ رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ ميٽر جي ريڊنگ موجب بل ادا ڪرڻ جو چوڻ تي حيسڪو جي ڪنڊا مافيا اسان جي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آھي ھنن مطالبو ڪيو ته حيسڪو جي ڪارين رڍن ۽ ڪنڊا مافيا خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي ڳوٺ جي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪندي حيسڪو جي ڪامورن ۽ ڪنڊا مافيا خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.