ڪنري ڀرسان چوري ٿيل سامان واپس نه ملڻ خلاف عمرڪوٽ روڊ تي ڌرڻو

ڪنري (ت ر) ڪنري لڳ ڳوٺ محمود آباد ۾ 10 ڏينهن اڳ  سليم گجر جي گھر مان ٿيل لکين رپين جي چوري نه ملڻ ۽ جوابدار ڌر طرفان متاثرن کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف ڳوٺاڻن  احتجاجي مظاھرو  ڪري ڌرڻو هڻي عمرڪوٽ روڊ بند ڪري ڇڏيو. جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي سليم گجر، علي محمد گجر، فقير گل حسن خاصخيلي، قاسم ڪنڀار ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي ٻڌايو ته 10 ڏينهن اڳ گهرمان لکين رپين جي چوري ٿي. ڪيس داخل ٿيل آھي ۽ جوابدار گرفتار ھئڻ باوجود پوليس چوري ٿيل رقم ۽ سونازيور  هٿ ڪرڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي ناهي ڪئي.هنن چيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ تي جوابدار ڌر ڌمڪيون ڏئي رھي آھي. ٽي ڏينھن اڳ گھر تي حملو ڪري عورت کي زخمي ڪيو ويو، پوليس ڪو به تحرڪ نه ٿي وٺي. ھنن چيو ته جوابدارن جي ڌمڪين سبب سخت خوف ۾ آھيون. جوابدارن کي سياسي آشيرواد آھي، پوليس ٺلھا دلاسا ۽ آسرا ڏئي پئي. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو سختي سان نوٽيس چوري ٿيل سامان واپس ڏياري جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي. ھوڏانھن پوليس  متاثر ڌر سان ڳالھيون ڪري کين انصاف جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو جڏھن ته پوليس متاثرن جي مطالبي تي کيس مبينا ڌمڪيون ڏيندڙ  ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.