ڪڪڙ ٿاڻي مان گرفتار جوابدار هٿڪڙين سميت فرار، اهلڪارن ۾ ٿرٿلو

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ ۾ سينئر صحافي بشير احمد خانزاده جي گھر مان چوري جي الزام ھيٺ ٻ ڏينھن اڳ گرفتار ٿيل جوابدار مبن شاه ھٿڪڙين سميت ٿاڻي تان  ايس ايڇ او ڪڪڙ نوراحمد مري وڏو منشي  غلام مصطفئ بروھي جي موجودگي دوران ٿاڻي تان فرار ٿي ويو جنھن سبب اھلڪارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ڪڪڙ پوليس اھلڪارن پاران جوابدار کي پڪڙڻ لاء پيڇو ڪيو جن جي ڳولا لاء سرگرم ھئڻ باوجود ھٿ ن آيو آھي ياد رھي ت ڪڪڙ جي صحافي بشير خانزاده ڪٽنب سميت شادي جي تقريب لاء ڪوٽڙي ويل ھيو جنھن سبب چور گھر خالي ڏسي گھر ڀاتين جي غير موجودگي جو فائدو وٺندي گھر مان چوري جي ڪوشش ڪرڻ دوران پاڙي وارن ڏسي سڳ سوڌو پڪڙي ڪڪڙ پوليس حوالي ڪيو ويو ھيو ڪالھ ڪڪڙ پوليس کان ٿاڻي تان فرار ٿي ويو آھي،ھوڏانھن صحافين شفيع محمد جنجھ رئيس امتياز حسين دل رياض ڪولاچي اميرحسن ملاح بشيراحمد خانزاده گل حسن نوداڻي مھراڻ تڳر محمد بخش ملاح  رزاق ھنڱورو غلام نبي نائچ محمد اشرف جنجھ درمحمد کرل سميت ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ت ٿاڻي تان اھلڪارن جي موجودگي دوران جوابدار فرار ٿي وڃڻ پوليس جي نااھلي ھئڻ جو چٽو ثبوت آھي صحافي سان زيادتي آھي اڃا تائين ايس ايس پي دادو پاران اھلڪارن جي نااھلي جو نوٽيس ن وٺڻ مذمت جوڳو عمل آھي 3 ڏينھن اندر جوابدار گرفتار ن ٿيڻ جي صورت ۾ دادو ايس ايس پي آفيس اڳيان صحافي احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.