عدالتن حق سچ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي : گل محمد رند

سڪرنڊ (ن ع آ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ گل محمد رند چيو آهي ته پاڪستان جي عدالتن حق سچ جو فيصلو ڏئي  انصاف جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي پي ٽي آئي جي چونڊيل حڪومت کي امپورٽيڊ سازش تحت ختم ڪرڻ بعد جيڪا ڪٺ پتلي حڪومت جوڙي وئي هئي تنهن کي سپريم ڪورٽ ختم ڪري اصل حڪمران کي واڳون سنڀالڻ جو حڪم ڏنو آهي هُو همدرد هائوس سڪرنڊ تي پنجاب سرڪار بابت عدالتي فيصلي اچڻ بعد شهرين ، ورڪرن ۽ صحافين ۾ مٺايون ورهائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته پاڪستان جي چئن صوبن مان ٽي صوبا پنهنجي حقن خاطر سجاڳي حاصل ڪري چڪا آهن جڏھن ته صرف سنڌ صوبو پوئتي پيل آهي جنهن جو سبب هتي گذريل 15 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيل آهي جنهن سنڌ کي سنوارڻ بجاءِ صرف لٽيو ڦريو آهي ان ڪري سنڌ جي ماڻھن کي ٻين صوبن جيان سجاڳ ٿيڻو پوندو هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جلد سنڌ جو دورو ڪندو جنهن لاءِ اسان جي ڪوشش آهي ته خان صاحب جو دورو روڊ ذريعي ٿئي ته جيئن لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ تائين سمورن شهرن جي ورڪرن سان ملاقاتون ڪري سگهجن هن اهو به چيو ته سنڌ جي ڀلائي ، آجپي ۽ آسودي لاءِ ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ ۽ هم خيال پارٽين سميت دوستن سان گڏ حصو وٺنداسين ان موقعي تي انصاف لائيرز فورم سنڌ جي وائيس پريزيڊنٽ ايڊوڪيٽ محمد ابراهيم پاهي ، راشد علي کهڙو ،  ميڊم عقيله خانزاده ، امير گل رند ، اقبال احمد رند ، ڌڻي بخش مگسي ، ارشد علي ، خالد حسين مگسي ، شهزاد رند ، عباس عمراڻي ۽ مير حسن رند پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.