ٽنڊي محمد خان لڳ نوجوان گوليون هڻي قتل

ٽنڊومحمدخان (رپورٽ: حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان لڳ يونين ڪائونسل لاکاٽ جي ڳوٺ سلطان ملاح ۾ پاڻي جي تڪرار تان ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ گولين  ڪهاڙين ۽ لٺين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو ، گوليون لڳڻ ڪري 35 ورهين جو حاڪم ملاح ٿڏي تي قتل ٿي ويو ، جڏهن ته 25 ورهين جو نوجوان امين  ملاح سخت زخمي ٿي پيو ، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو ويو آهي ، جتي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ سبب نوجوان امين ملاح کي سول اسپتال حيدرآباد اماڻيو ويو آهي ، جڏهن ته ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته زخمي نوجوان کي حيدرآباد جي سول اسپتال نيو ويو آهي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.