سڪرنڊ ۾ ٽرانسفارمر ڦاٽي پيو، ٽي معصوم ٻار سڙي زخمي

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ شهر جي حسين آباد ڪالوني ۾ واپڊا عملي پاران مرمت ڪرائي لڳايل ٽرانسفارمر اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي  ڪري پيو, نتيجي ۾ گهٽي مان گذرندڙ محرابپور روڊ سڪرنڊ جا رهواسي معصوم ٻارڙا 12 ساله ديپڪ ولد جنگو مل جنڊاوڙو , 11 ساله رتن ولد پنهون مل جنڊاوڙو , 15 ساله ساگر ولد منگو جنڊاوڙو سڙي سخت زخمي ٿي پيا,  جن کي فوري طور نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو پر برنس وارڊ نه هئڻ ڪري کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو پر اتي پهچڻ بعد ٻارڙن جي حالت خراب هئڻ ڪري ڊاڪٽرن پاران کين ڪراچي منتقل ڪرڻ جو چيو جنهن بعد وارث غربت سبب سخت پريشان ٿي کين ڪراچي اسپتال کڻائي ويا آهن, جتي ٻارڙن جي حالت ناساز ٻڌائي پئي وڃي, ٻئي طرف حسين آباد ڪالوني جي رهواسين ۽ شهرين پ پ ڪائونسلر جاويد سومرو , شهري اتحاد جي سيد احسان شاهه, سماجي اڳواڻ مجيد عباسي احتجاج ڪندي چيو ته واپڊا جي نااهلي سبب ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽي ڪري پيو آهي ۽ گذرندڙ معصوم ٻارڙا سڙي زخمي ٿيا آهن, هنن اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪري غفلت ڪندڙ عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي, ٻئي طرف سڪرنڊ ٿاڻي تي پورهيت گووندا جنڊاوڙو جي فرياد تي حيسڪو عملي خلاف رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي, رابطي تي حيسڪو  عملدار شاهنواز انڙ ٻڌايو ته سڙيل ٽرنسفارمر مرمت بعد لڳرايو اتفاق سان هو ڦاٽي پيو, معصوم ٻارڙن جي زخمي ٿيڻ افسوس آهي,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.