ميهڙ: سولنگي برادري جي ماڻهن نوجوان جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ جو مطالبو

ميهڙ ۾ سولنگي برادري جي ماڻهن نوجوان جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

سولنگي برادري جا ماڻهو 3 ڏينهن اڳ ميهڙ ٿاڻي ڀرسان گند جي ڍير تان بجلي جي تارن ۾ ويڙهيل نوجوان عجيب سولنگي جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ جي مطالبي لاءِ سندس وارثن سوڌو پريس ڪلب پهتا.

ان موقعي تي نوجوان جي پيءُ ايوب، چاچي الله رکيو ۽ سولنگي برادري جي ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي ڏينهن پهرين نوجوان عجيب سولنگي جو گند جي ڍير تان تارن ۾ ويڙهيل تشدد ٿيل لاش هٿ آيو هو.

هنن چيو ته نوجوان جو لاش هٿ واري معاملي کي ٽي ڏينهن گذري چڪا آهن پر پوليس اڃا تائين نه ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪا جاچ ڪئي آهي.

سولنگي برادري جي ماڻهن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي شڪ آهي ته نوجوان قتل ڪيو ويو آهي، معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.