ايشيا ڪپ 2022 ٻئي ملڪ منتقل، اعلان ٿي ويو

 

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ايشيا ڪپ 2022 جي ٻئي ملڪ منتقلي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اي سي سي طرفان سريلنڪا ۾ شيڊيول ايشيا ڪپ کي گڏيل عرب امارتن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

رپورٽن موجب سريلنڪا ملڪ ۾ جاري معاشي ۽ سياسي بحران سبب ايشيا ڪپ 2022 جي ميزباني کان معذرت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر سارو گنگولي اڳ ئي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته هلندڙ سال شيڊيول ٽورنامينٽ دبئي ۾ کيڏي ويندي.

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو چوڻ آهي ته سريلنڪا ۾ موجود صورتحال جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن کانپوءِ گڏيل طور وينيو جي تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو.

سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته اسان اي سي سي جي فيصلي سان گڏ آهيون.

رپورٽن موجب ايشيا ڪپ جي ميزباني جا حق سريلنڪا وٽ رهندا.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ هلندڙ سال 27 آگسٽ کان 11 سيپٽمبر تائين کيڏيو ويندو، اهو ايونٽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.