ڪنوار ٻوٽيءَ جي تيل جا جادوئي فائدا، اڄ ئي ٺاهي استعمال ڪيو

 

ڪنوار ٻوٽي جي نالي کان ڪير واقف ناهي، هي هڪ حيرت انگيز ٻوٽو آهي، جيڪو توهان جي صحت کي برقرار رکڻ سان گڏ سونهن وڌائڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

هن ٻوٽي ۾ اڇي جيل جيان مادو هوندو آهي، جنهن کي سڌي ريت استعمال ڪيو ويندو آهي.

اکين جي روشني کي بهتر بڻائڻو آهي يا وري شگر جي مرض ۾ کنڊ جي مقدار کي رت ۾ وڌڻ کان روڪڻ هجي، ڪنوار ٻوٽي پنهنجو ڪردار نڀائيندي آهي پر ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي، ان جي جيل چهري جي سمورن مسئلن جو اڪيلو حل به آهي پر ڇا توهان ڪڏهن ڪنوار ٻوٽي جي تيل بابت ٻڌو آهي؟

ته اڄ اسان هتي ان جي تيل جو ذڪر ڪري رهيا آهيون، جيڪو چهري ۽ وارن ٻنهي لاءِ پنهنجا فائدا رکي ٿو.

وار ڪِري رهيا آهن، خشڪ آهن، بي رونق ٿي ويا آهن ته پريشان نه ٿيو، هي تيل هر قسم جي مسئلن جو حل آهي.

ڪنوار ٻوٽي جو تيل ڪيئن ٺاهجي ۽ ڪهڙي ريت استعمال ڪجي، اچو ته ڄاڻيون.

ڪنوار ٻوٽي جيل اڌ ڪوپ

ناريل جو تيل اڌ ڪوپ

ڪارا مرچ هڪ چمچو

هڪ ڪڙاهي ۾ ڪارا مرچ وجهي ٿوڙو گھمائي پوءِ ناريل جو تيل شامل ڪريو ۽ هلڪي باهه تي پچايو، جڏهن تيل ٿورو گرم ٿي وڃي ته ان ۾ ڪنوار ٻوٽي جي جيل وجهي چمچي سان گھمائيندا رهو، ان وقت تائين پچايو جيستائين ڪنوار ٻوٽي جي جيل تيل سان گڏ ٿي وڃي.

هاڻ اهو تيل ٿڌو ڪري ڇاڻيو، ڇاڻڻ کانپوءِ ان کي ڪنهن بوتل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو، ان کي هفتي ۾ ٻه ڀيرا استعمال ڪريو، هي وارن کي ڪِرڻ کان روڪيندو ۽ انهن جي قدرتي چمڪ به واپس آڻي ڇڏيندو، گڏوگڏ ان ۾ ڪارن مرچن جي موجودگي خشڪي ۽ فنگس ختم ڪري ڇڏيندي.

هي تيل چهري لاءِ به هڪجهڙا فائدا رکي ٿو، سياري ۾ خشڪ، ڦاٽل پيرن ۽ چپن تي لڳايو، هي انهن کي نرم بڻائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.