گال ٽيسٽ ۾ سريلنڪا جي پوزيشن مضبوط، پاڪستان کي وڌيڪ 419 رنسون گهربل، 9 وڪيٽون باقي

گال ( ويب ڊيسڪ ) بي ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا پاڪستان کي 508 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ڏينهن جي پڄاڻي تائين هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 89 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

ٻي ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 89 رنسون ٺاهيون هيون، بابر اعظم 26 ۽ امام الحق 46 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هو.

پاڪستان کي پنجين ۽ آخري ڏينهن ميچ کٽڻ لاءِ وڌيڪ 419 رنسون ۽ جڏهن ته سريلنڪا کي 9 وڪيٽون گهربل آهن.

پاڪستان طرفان ٻي اننگز جي شروعات عبدالله شفيق ۽ امام الحق ڪئي، عبدالله شفيق 16 رنسون ٺاهي 42 جي گڏيل اسڪور تي جي سوريا جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.

خراب روشني سبب ميچ روڪي وئي بعد ۾ چوٿين ڏينهن جي راند ختم ڪئي وئي.

ان کان اڳ سريلنڪا ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جي ٻي اننگز 360 رنز 8 رانديگرن آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 508 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ ڏنو.

گال ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن سريلنڪا پنهنجي ٻي ناممڪل اننگز 176 رنز 5 رانديگرن آئوٽ تي شروع ڪئي. ڪرونا رتني 27 ۽ ڌننجيا ڊي سلوا 30 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.

ٻنهي بيٽرن پنهنجي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ڪروونا رتني 61 رنسون ٺاهي نعمان علي جي بال تي عبدالله شفيق هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ڊونٿ ويلاگي 18 رنسن تي محمد نواز جو شڪار بڻيو.

ٻئي پاسي ڊي سلوا شاندار بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ زبردست سينچري مڪمل ڪئي، ڊي سلوا 109 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو جنهن بعد ڪپتان ڪرونا رتي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي ۽ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 508 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.