هڪ رات جي نيوٽرل ٿيڻ سان 70 سالن جا ڏوهه معاف ٿي ويندا؟ بلاول جي سخت تقرير

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا تڪراري نه ٿئي، ائين نٿو ٿي سگهي ته هڪ نه ٻه آئين هجن، هڪ نه ٻه پاڪستان هجن.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا جو ڪردار تڪراري نه هجڻ گهرجي، اسان تجويز ڏني هئي ته فل ڪورٽ ٺاهيو، ائين نٿو ٿي سگهي ته هڪ پاڪستان ۾ ٻه آئين هجن، اسان لاءِ هڪ آئين ۽ لاڏلي لاءِ ٻيو آئين هجي، اسان جو ڪم آئين ٺاهڻ آهي ۽ انهن جو ڪم آئين جي تشريح ڪرڻ آهي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ رڳو چيف جسٽس نه پر سڀني ججن تي ٻڌل آهي، اسپيڪر صاحب عدالتي سڌارن لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي ٺاهي، اها ڪميٽي اڄ ئي ٺاهيو ۽ اسان ان جو حصو بڻجنداسين، گڏيل پارلياماني ڪميٽي ۾ اپوزيشن جا نمائندا به شامل هجن، اسان قانون سازي ڪيون ۽ فيصلو ڪيون ته ڪيترن ججن کي ويهارڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته 2018 جي چونڊن ۾ ثاقب نثار اسان جي خلاف مهم هلائي رهيو هو، ثاقب نثار لاڙڪاڻي پهچي اسان جي خلاف تقريرون ڪندو هو، هو تڪراري ڪردار آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سوال اٿاريو ته 2018 ۾ ادارا جو ڪردار ڪهڙو هو؟ ڇا هڪ رات جي نيوٽرل ٿيڻ سان 70 سالن جا ڏوهه يا آئين شڪني معاف ٿي ويندي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.