ڪراچي واسين لاءِ وڏي خبر، پيپلز بس سروس جو نئون روٽ متعارف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تخت گاهه ڪراچي جي شهرين لاءِ سٺي خبر آهي ته پيپلز بس سروس جو هڪ وڌيڪ روٽ متعارف ڪرايو ويو آهي.

سنڌ حڪومت پاران پيپلز بس سروس جو نئون روٽ متعارف ڪرايو ويو آهي.

نئين روٽ تحت بس نارٿ ناظم آباد جي فائيو اسٽار چورنگي کان ڪي ڊي اي چورنگي، عيدگاهه ۽ لياقت آباد ويندي.

پيپلز بس سروس جي هن نئين روٽ تي هلندڙ بس سوڪ سينٽر، ڪارساز، نرسري، ايف ٽي سي ۽ ڪي پي ٽي انٽر چينج کان شان چورنگي ويندي.

واضح رهي ته سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه پيپلز بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.