بدين ۾ شهرين جو برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو

بدين ۾ شهرين پاران برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

رفيق ڀٽي، جيوڻ گواريو، غلام محمد سوهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين قاضيا واهه پل وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي شهرين جو چوڻ هو ته برسات کي وسندي ٻه ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ سموري شهر ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي پر ضلعي انتظاميا پاڻي نيڪالي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا.

هنن الزام هڻندي چيو ته ميونسپل ڪميٽي جا عملدار شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ بدران من پسند ماڻهن جا گھرن ٻاهران بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي رهيا آهن، جيڪا شهرين سان زيادتي آهي.

شهرين سنڌ حڪومت ۽ مڪاني کاتن واري وزير کان مطالبو ڪيو برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي شهرين کي ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.